لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي ۾ سرڪاري سم شاخ جي معاملي تان قتل ٿي ويل 5 ڄڻن واري واقعي خلاف وارثن ۽ سولنگي برادري جو ايس ايس پي چوڪ تي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو، سنڌ جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، اي ايس پي سٽي طرفان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي وئي، ڳالهين بعد واقعي جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت 15 جوابدارن مٿان داخل، تفصيل موجب لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ويجهو وارهه تعلقي ۾ سولنگي ۽ مغيري ذات جي ٻن ڌرين وچ ۾ سرڪاري سم شاخ جي مالڪي تان هلندڙ پراڻي تڪرار تان قتل ٿي ويل وارهه تعلقي جي ڳوٺ ميان رتو سولنگي واسي ٽن ڀائرن امجد سولنگي، ماجد سولنگي، ڀاءُ شوڪت علي سولنگي، سندن پڦاٽ امير علي سولنگي ۽ ٽئڪسي ڊرائيور ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ محرم چانڊيو واسي نجم الدين چانڊيو واري واقعي خلاف مقتولن جي وارثن ۽ سولنگي برادري طرفان ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو جنهن ۾ لاڙڪاڻو، ڪراچي، نوابشاهه، نوشهروفيروز، ڪنڍيارو، قمبر، شهدادڪوٽ، وارهه، نصيرآباد، لالورائنڪ، دادو، ميهڙ سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ سولنگي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.. ان موقعي تي سولنگي برادري جي چڱي مڙس اسرار احمد سولنگي پنهنجي برادري جي عرفان علي سولنگي، ظفر علي سولنگي، عبدالمجيد سولنگي، نور احمد سولنگي، ايڊووڪيٽ ديدار علي سولنگي، مقتول جي وارثن مٺل سولنگي، گلزار سولنگي ۽ ٻين سان گڏجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻو شهر پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي، افسوس آهي جو هتي ڏوهاري آسانيءَ سان پنجن ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس کين ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي. هنن چيو ته سولنگي برادري جي قتل ٿي ويل چئن ڄڻن سميت پنجن ڄڻن جي قتل وارو واقعو انتهائي وڏو واقعو آهي جنهن واقعي تي پوري سنڌ ۾ ڏک ۽ افسوس واري لهر ڇانئجي وئي آهي. هنن چيو ته ايڏي وڏي سانحي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف اسان اڄ شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي پر افسوس جو پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ سولنگي برادري جي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪيو آهي اهڙو واقعو لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي ۾ پيش آيو آهي جتان نوجوان وڪيل ضمير علي سولنگي کي 6 پوليس اهلڪارن گهر ۾ گهڙي کنڀي ويا آهن جنهن جي اسان سخت مذمت ڪيون ٿا. اسان مطالبو ٿا ڪيون ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري ملوث سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ لاڙڪاڻي سميت پوري سنڌ ۾ احتجاجي ڌرڻا هنيا ويندا. هوڏانهن ڌرڻو ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو جنهن دوران اي ايس پي سٽي عتيق الرحمٰن ميڪڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي سولنگي برادري جي چڱي مڙس ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪري بعد ۾ ساڻن گڏجي شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ٿاڻي تي پهچي ڳالهيون ڪيون. جنهن ۾ اي ايس پي خاطري ڪرائي ته قتل جو ڪيس مقتول جي وارثن جي مرضيءَ موجب داخل ڪري ملوث سمورن جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪاروائيون شروع ڪيون وينديون. ان کان اڳ ڌرڻي جي اڳواڻن جي شڪايت جو اي ايس پي نوٽيس ورتو جنهن کان پوءِ گرفتار ٿيل سولنگي برادري جو نوجوان ڌرڻي واري هنڌ پهتو. جنهن بعد واقعي جو ڪيس ٽن مقتول ڀائرن امجد، ماجد ۽ شوڪت سولنگي جي ڀيڻ ياسمين ڌيءَ عبدالجبار سولنگي جي فرياد تي گناهه نمبر 2023/43، دهشتگردي ايڪٽ 6/7 اي ٽي اي، 302، 337 H/2، 148، 149، 427 پي پي سي تحت 15 جوابدارن مٿان داخل ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ ضمير مغيري، نظير مغيري، مستي خان مغيري، عطاءُ الله مغيري، احدي خان مغيري، فدا حسين مغيري، ممتاز مغيري، غلام صديق مغيري ۽ ٻين سميت چار اڻسڃاتل جوابدارن شامل آهن. داخل ڪيس ۾ فريادڻ موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان جو مغيري برادري سان سرڪاري سم شاخ جي ڪپر واري معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي. واقعي واري ڏينهن ضمانت تي آزاد ٿيل ڀائرن امجد سولنگي ۽ ماجد سولنگي کي ڀاءُ شوڪت علي ۽ پڦاٽ امير علي سولنگي ٽئڪسي ڊرائيور نجم الدين چانڊيو سان گڏجي کين وٺڻ لاءِ آيل هئا جيڪي ڪار تي سوار ٿي ڳوٺ اچي رهيا هئا ته هڪ ويگو، هڪ پراڊو ۽ ٻن ڪارن ۾ سوار 15 هٿياربندن حملو ڪري کين قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا آهن. هوڏانهن  واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز منظر عام تي اچي ويا آهن جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هٿياربند ٻن اڇي رنگ جي ڪارن ۽ موٽرسائيڪل تي سوار ٿي هڪ ڪار جو پيڇو ڪري رهيا آهن جيڪي ستون نمبر ناڪي وٽ ڪار جي ٻنهي پاسن کان اچي انڌانڌ فائرنگ ڪن ٿا. جڏهن ته واقعي دوران جاءِ واردات توڙي پيٽرول پمپ تي موجود ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ٿي جيڪي اتان ڀڄي جان بچائن ٿا. سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ واقعي بعد ڪار ۽ موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن کي فرار ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.