اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ بين الصوبائي تعليم وزيرن جي اجلاس ۾ آءِ بي سي سي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي پاران نائين ۽ يارهين درجي جي شاگردن کي امتحان بنا پروموٽ ڪرڻ واري تجويز رد ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پهرين مرحلي ۾ ڏهين ۽ ٻارهين درجي جا امتحان ٿيندا، تفصيل موجب گذريل اڱاري ڏينهن تي آءِ بي سي سي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر ناظم جيواڻي ڪئي، اجلاس ۾ آءِ بي سي سي جو سيڪريٽري غلام علي ملاح، مختلف انٽرميڊيٽ بورڊن جي چيئرمينن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ تجويز پيش ڪئي وئي ته ڪورونا جي موجوده صورتحال ۾ ڏهين ۽ ٻارهين درجي جا امتحان ورتا وڃن، جڏهن ته نائين ۽ يارهين درجي جا امتحان ملتوي ڪري نائين ۽ يارهين درجي جي شاگردن کي اڳين ڪلاسن لاءِ بنا امتحان جي پروموٽ ڪيو وڃي، آءِ بي سي سي جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ٿيو هو ته انهن سفارشن کي منظوري لاءِ بين الصوبائي تعليم وزيرن جي ڪانفرنس کي منظوري لاءِ اماڻيو ويندو، ذريعن مطابق ڪالهه اربع ڏينهن آءِ بي سي سي جي اهڙين تجويزن تي غور لاءِ وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ بين الصوبائي تعليم وزيرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ بي سي سي جي سفارش کي رد ڪيو ويو، ذريعن مطابق فيصلو ڪيو ويو آهي ته پهرين مرحلي ۾ ڏهين ۽ ٻارهين درجي جي شاگردن جا امتحان ٿيندا ۽ ٻئي مرحلي ۾ نائين ۽ يارهين درجي جي شاگردن جا امتحان ورتا ويندا، بنا امتحان جي نائين ۽ يارهين جي شاگردن کي پورموٽ نه ڪيو ويندو. اجلاس کان پوءِ تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وضاحتي بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود نائين ۽ يارهين درجي جا امتحان نه ٿيڻ ۽ شاگردن کي بنا امتحان جي اڳئين ڪلاس لاءِ پروموٽ ڪرڻ وارين خبرن کي افواهه قرار ڏيندي وضاحت ڪئي ته نائين ۽ يارهين درجي جا امتحان لاڳاپيل بورڊن جي مقرر ٽائيم ۽ شيڊول تحت ٿيندا، نائين ۽ يارهين درجي جا امتحان نه ٿيڻ واريون ڳالهيون افواهن تي ٻڌل آهن.