اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪورونا وائرس پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ سنڌ حڪومت ۽ اين ڊي ايم اي جي رپورٽ غير تسلي بخش قرار ڏيندي وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ اندر ٻن ڏينهن اندر آڪسيجن سلينڊر جي قيمت مقرر ڪئي وڃي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي ۾ 2013ع کان 2017ع تائين جيتري رقم خرچ ڪئي آهي ان سان سنڌ ۾ ڪيمبرج ۽ هارورڊ يونيورسٽين جهڙا ادارا قائم ٿي وڃن ها، ڪالهه پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي، ٻڌڻي جي شروعات ۾ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ اين ڊي ايم اي ڌار ڌار رپورٽون جمع ڪرايون، ايڊيشنل اٽارني جنرل سهيل محمود چيو ته 30 اپريل کان حڪومت غير رجسٽرڊ دوائون درآمد ڪرڻ جي اين او سي جاري ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته غير رجسٽرڊ دوائن ۽ طبي سامان امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڇو ڏني وئي آهي، ملڪ ۾ ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ طبي اوزارن ۽ دوائن جي دستيابي جي ڪهڙي صورتحال آهي؟ ڊريپ اهلڪارن عدالت کي ٻڌايو ته ڪورونا سان لاڳاپيل دوائن ۽ طبي اوزارن جي قلت ناهي، ايڪٽمرا انجيڪشن جو اسٽاڪ به موجود آهي، چيف جسٽس چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز مان آڪسيجن جي وڏي پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي، اسٽيل ملز جي پلانٽ کي فعال ڇو نه ٿو بڻايو وڃي، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسٽيل ملز جو آڪسيجن پلانٽ 40 سال پراڻو آهي، ان کي فعال ڪرڻ لاءِ هڪ ارب رپين جي ضرورت پوندي، اسٽيل ملز جي پلانٽ متعلق تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ بعد ۾ جمع ڪرائيندس، ڪي پي ڪي جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ آڪسيجن سلينڊر جي قيمت هڪ جهڙي ناهي، هر دڪاندار پنهنجي مرضي جا ريٽ وٺي رهيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس حڪم ڏنو ته وفاقي حڪومت ٻن ڏينهن اندر آڪسيجن سلينڊر جي قيمت جو تعين ڪري عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري، عدالت ۾ موجود چيئرمين اين ڊي ايم اي مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته اوهان حاجي سينٽر واري قرنطينه سينٽر جو ڇو دورو نه ڪيو آهي، قرنطينه سينٽرن جو حال برو لڳو پيو آهي، انهن سينٽرن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا خبر نه پئي ته اهي ڪيڏانهن ويا، اين ڊي ايم اي جا سمورا مامرا گڙٻڙ آهن، چيئرمين اين ڊي ايم اي ذاتي حيثيت ۾ قرنطينه سينٽرن ۽ اسپتالن جو دورو ڪري نئين رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، ٻڌڻي دوران بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب حڪومت جي رپورٽن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ پاران جيڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي ان تي عدالت عدم اطمينان جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس چيو ته سنڌ جي جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تعليم جي شعبي ۾ سنڌ اندر 2013 کان 2017ع تائين 2600 ملين ڊالرز (2 ارب 60 ڪروڙ ڊالرز) خرچ ڪيا ويا آهن، ايڏي وڏي رقم خرچ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ هارورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽي جهڙا ادارا تعمير ٿي وڃڻ گهرجن ها، ايتري ڳري رقم خرچ ٿيڻ سان سنڌ ۾ اسڪولن جِي صورت ۾ محل تعمير ٿي وڃن ها، ايتري رقم استعمال ٿيل هجي ها ته سنڌ پيرس بڻيل هجي ها، جڏهن ته صحت ۽ انفرا اسٽرڪچر جي شعبي ۾ جيڪا رقم خرچ ڪئي وئي آهي اها استعمال ٿيل هجي ها ته هر شهر ۽ هر علائقي ۾ بهترين قسم جي استپال موجود هجي ها، چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پاران عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ايڊووڪيٽ جنرل کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي کانئس 15 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪي پي ڪي ۾ به صورتحال بهتر ناهي، ماڻهو ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.