نئون ديرو (ن پ ا) نئين ديري جي کهڙا پاڙي ۾ امجد سولنگيءَ جي بند پيل گهر جا چور تالا ۽ ڪنڊا ڪاٽي 2 تولا سونا زيور، هڪ ليپ ٽاپ، 90 هزار روڪ رقم، چيڪ بڪ سميت ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا. اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو.امجد عرف جاني سولنگي، اورنگزيب سولنگي، ڪاشان سولنگي احتجاج ڪندي چيو ته امڙ جي طبيعت خراب هجڻ ڪري گهر کي تالو هڻي کيس سکر علاج لاءِ وٺي وياسين ته چور پٺيان گهر جا تالا ۽ ڪنڊا ڪاٽي چوري ڪري ويا. نوٽيس وٺي، چورن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل رقم، سون ۽ سامان واپس ڪرائي انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.