خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ سيپڪو خيرپور جي لائين مين شهاب الدين سمنگ جي گهر تي هٿياربندن جي فائرنگ واري واقعي خلاف سمنگ برادريءَ جي ماڻهن پاران پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ڳوٺاڻن علي نواز، گلبهار، شهاب الدين، جواد سمنگ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته جوابدارن  غيرقانوني ڪنيڪشن هڻي ڏيڻ کان انڪار تي فائرنگ ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون. هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي.