مڪاني چونڊون: لاڙڪاڻي جي اڪثر يوسيز تي پ پ کي سرسي حاصل

0
270
پ پ کي سرسي حاصل
مڪاني چونڊون: لاڙڪاڻي جي اڪثر يوسيز تي پ پ کي سرسي حاصل

نوٽ هي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا آهن
لاڙڪاڻي ۾ اڪثر يونين ڪاميٽيز تي پ پ کي سرسي حاصل ٿي وئي آهي
حيدري ٽائون جي يوسي 3تي پ پ جي شفيق چانڊيو 4وارڊن تي جي ڊي اي جي رافع علي عباسي کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿي ويو آهي
امپائر ٽائون يوسي 5 تي پ پ جو ماجد علي اڪثريت سان چيئرمين چونڊجي ويو، مخالف عوامي اتحاد جو خالد حسين ھارائي ويو آهي
سچل ٽائون يوسي ھڪ تي پ پ جو چنگيز ابڙو چيئرمين چونڊجي ويو، عوامي اتحاد جو زبير تنيو ھارائي ويو
حيدري ٽائون جي يوسي ون تي پ پ جي انور لهر عوامي اتحاد جي مجاهد ڪنڀر کي شڪست ڏني آهي
دڙي ٽائون جي يوسي 2 تي پ پ جو امين شيخ ۽ شاھ رخ سيال ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته آزاد اميدوار رئوف شيخ کي شڪست ٿي آهي
حيدري ٽائون جي يوسي 2 تي پ پ جي اميدوار منير سومرو کي سرسي حاصل آهي، جڏهن ته آزاد اميدوار جاويد علي جا ووٽ گهٽ آهن

ھي به پڙھندا

مڪاني چونڊ: غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا