گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي جي 14 وارڊن مان 9 وارڊن تي پ پ اميدوار ڪامياب

0
274
9 تي پ پ جا اميدوار ڪامياب
گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي جي 14 وارڊن مان 9 تي پ پ جا اميدوار ڪامياب، مهر گروپ جا حمايتي 4 ۽ جي يو آءِ جو هڪ اميدوار ڪامياب

نوٽ هي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا آهن
گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي جي 14 وارڊن مان 9 وارڊن تان پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا، ميونسپل چيئرمين پيپلزپارٽي جو ٿيندو
گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 5 تي پيپلزپارٽي جو رحيم بخش ميراڻي، وارڊ نمبر 8 تي آغا اظهر خان پٺاڻ، وارڊ نمبر 6 تي سڪندر لاکو، وارڊ نمبر 11 اسد الله لاکو، وارڊ نمبر 14تي سکديو آسرداس، وارڊ نمر 7 تي ڄام آصف ڌاريجو، وارڊ نمبر 2 تي راڻا عدنان، وارڊ نمبر 9 تي ايڊووڪيٽ محمد نديم، وراڊ نمبر 10 تي سيد رضوان شاهه ڪامياب ٿي ويا
مهر گروپ جا حمايتي چار ۽ جي يو آءِ جو هڪ اميدوار ڪامياب ٿيو آهي، مهر گروپ جي جي ڪامياب ٿيل اميدوارن ۾ اشوڪ ڪمار، سيد اصغر علي شاهه،سيد ماجد شاهه،رائو نديم راجپوت ۽ جي يو آءِ سان واسطو رکندڙ سيف الله چاچڙ شامل آهن
گهوٽڪي جي ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي چونڊن ۾ جي يو آءِ ۽ مهر گروپ جو چونڊ اتحاد هو، جڏهن ته پ پ جا اميدوار ڄام آصف علي ڌاريجو ۽ راڻا عدنان ايڊووڪيٽ بنا مقابلي ڪامياب ٿيا هئا

ھي به پڙھندا

مڪاني چونڊون: لاڙڪاڻي جي اڪثر يوسيز تي پ پ کي سرسي حاصل