مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ مختلف ڪالونين جي رهواسين هفتي کان بجلي بند هجڻ خلاف واپڊا آفيس آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي شبير ڌرماڻي، وجئه ساگر، دلشير جهانگي ۽ ٻين چيو ته ڌرماڻي ڪالوني، وائوري پاڙي، جھانگي ننگر سميت باءِ پاس جي مختلف ڪالونين ۾ هفتي کان بجلي بند آهي، هنن چيو ته برسات ۽ گرمي ۾ بجلي نه هجڻ سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو،