ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي ويجھو وين جي موٽر سائيڪل سان ٽڪر نتيجي ۾ هڪ فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا ، فوتي ۽ زخمين کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو . ٺٽي ويجھو ڇتو چنڊ ڀرسان ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي وين جي موٽر سائيڪل سان ٿيل ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار شفيع محمد پٽ غلام محمد مڪراڻي بروهي موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا فياض مڪراڻي ۽ غلام  دستگير سخت زخمي ٿي پيا واقعي واري هنڌ ٺٽو پوليس پهچي فوتي ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو جڏهن ته حادثي جي اطلاع ملڻ تي فوتي ۽ زخمي نوجوانن جي وارثن اسپتال پهچي ضروري ڪاروائي بعد فوتي جي مڙھ کي فقير جي ڳوٺ ويجھو ڳوٺ الھ بخش بروهي کڻائي ويا. وين ڊرائيور فرار ٿي ويو. پوليس وين تحويل ۾ وٺي ڇڏي.