ميگا اسڪينڊل: حيدرآباد پوليس جو ڊي سي هائوس مٽياري تي ڇاپو، گرفتار ڊي سي جو ڊرائيور گرفتار

0
247

مٽياري (رپورٽر) مٽياري موٽر وي جي ميگا اسڪينڊل جي جاچ دوران حيدرآباد پوليس جو ڊي سي هائوس مٽياري تي ڇاپو، گرفتار ڪيل ڊي سي عدنان رشيد جو ڊرائيور وزير بگٽي گرفتار ٿي ويو

پوليس گرفتار ڪيل ڊرائيور کي پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، سنڌ بئنڪ جو مئنيجر تابش شاهه اڃا گرفتار نه ٿي سگهيو

 پوڻا 2 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻو ڊي سي مٽياري عدنان رشيد گرفتار ٿيل آهي

 ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي سيڪريٽري اسلم پيرزادو حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي، اينٽي ڪرپشن عملدارن جاچ دوران مختلف آفيسز تي ڇاپا هڻي رڪارڊ به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي

ھي به پڙھندا

مٽياري ايم سڪس ميگا ڪرپشن ڪيس، جي آءِ ٽي جي پهرين اجلاس ۾10ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ تي اتفاق