مٽياري ايم سڪس ميگا ڪرپشن ڪيس، جي آءِ ٽي جي پهرين اجلاس ۾10ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ تي اتفاق

0
725
مٽياري ايم سڪس ميگا ڪرپشن ڪيس
مٽياري ايم سڪس ميگا ڪرپشن ڪيس، جي آءِ ٽي جي پهرين اجلاس ۾10ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي: مٽياري ۾ ايم سڪس ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ جاچ جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ڪرپشن معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جو پهريون اجلاس ٿي گذريو، چيئرمين اينٽي ڪرپشن محمد نواز شيخ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ، ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ لينڊ ايڪوزيشن آفيسر جي حفاظتي ضمانت رد ڪرائڻ، پرڏيهه فرار ٿيل جوابدارن جي وطن واپسي، سرڪاري آفيسرز ۽ سندن سهولتڪارن جو سي ڊي آر ڪڍائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جي آءِ ٽي طرفان ڏهن ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، 2 ارب 14 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻو ڊي سي مٽياري ۽ عملدار گرفتار آهن