حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي حيدرآباد ڊويزن پاران ڊاڪٽر انور لغاري جي ستين ورسي ملهائي وئي.  تقريب ۾ ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، روشن ٻرڙو، ڊاڪٽر بدر چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ انتهائي تڪليف واري صورتحال ۾ آهي. سنڌ جي ماڻهن کي گهرجي ته هو متحد ٿي سنڌ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙين. هن چيو ته برساتن سبب لکين ماڻهو دربدر ٿيا. روڊن سميت سمورو انفراسٽريڪچر تباهه ٿي ويو آهي. روڊ رستا ٽٽل هجڻ جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن جن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون. تازو ئي ٻه ڏينهن اڳ سيوهڻ ۾ روڊ حادثو ٿيو جنهن ۾ 22 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. حڪمرانن کي برساتي ٻوڏ جي تباهڪارين سبب متاثر ٿيل ماڻهن بحالي لاءِ پرڏيهي امداد ملي پر ان رقم سان ماڻهن جي بحالي بدران ڪرپشن ڪئي وئي جنهن جي ڪري ماڻهو دربدر آهن.  هن ڊاڪٽر انور لغاري کي سنڌ لاءِ ڏنل خدمتن تي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته انور لغاري جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. سيد زين شاهه چيو ته حڪمران عوامي ڀلائي جا ڪم ڪرڻ بدران پنهنجي حڪمراني کي بحال ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته آزاد ۽ غير جانبدار چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن حقيقي ماڻهو اسيمبلين تائين پهچي ماڻهن جي خدمت ڪري سگهن.ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ ماڻهو سدائين عتاب هيٺ رهيا آهن ۽ انهن کي مختلف طريقن سان دٻائي ۽ هيسائي خاموش ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون رهيون آهن. قومي ڪارڪن اهو چاهين ٿا ته هو پنهنجي ڌرتي لاءِ جيئن ۽ پنهنجي ڌرتي لاءِ مرن.