مشهور ڀارتي ڪرڪيٽر سارا علي خان سان لاڳاپن جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

0
640
مشهور ڀارتي ڪرڪيٽر سارا

ڪراچي (شوبز نيوز) بالي وڊ اداڪار سيف علي خان جي ڌيءَ سارا علي خان سان لاڳاپن جي ڀارتي ڪرڪيٽر خبرن تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي

گذريل ڪجهه عرصي کان ڀارتي ميڊيا سميت سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته سارا علي خان ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر شُبمن گل جا لاڳاپا گهرا ٿي رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهن

ان حوالي سان نه ته اداڪارا ۽ نه ئي ڪرڪيٽر ڪجهه چيو، پر تازو ئي هڪ انٽرويو دوران شبمن سان ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن تي هن به جواب ڏنو

ڀارتي بيٽر کان انٽرويو دوران سوال پڇيو ويو ته بالي ووڊ جي فٽ اداڪارا ڪهڙي آهي؟، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي شبمن سارا علي خان جو نالو ورتو

کیا آپ اور سارہ ایک دوسرے کو ڈیٹ کررہے ہیں؟ کیونکہ اس حوالے سے کافی افواہیں ہیں: میزبان کا سوال—فوٹو: فائل

پوءِ ميزبان ڪرڪيٽر کان پڇيو ته ”ڇا تون ۽ سارا هڪ ٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهيو؟ ڇاڪاڻ ته ان سلسلي ۾ ڪافي افواهون آهن

جواب ۾ شبمن ٿورو مسڪرايو ۽ مختصر طور چيو ”شايد“، جنهن تي ميزبان چيو ”سڄو سچ ٻڌاءِ“ شبمن گل چيو ته سارا سچ ڳالهايو، شايد ها ڪري رهيو آهيان،شايد نه ڪري رهيو آهيان

واضح رهي ته ان کان اڳ شبمن گل بابت خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته هو اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءَ کي ڊيٽ ڪري رهيو آهي پر ان حوالي سان ڪا به حتمي خبر سامهون نه اچي سگهي

ھي به پڙھندا

فلم “جوائي لينڊ” خلاف شڪايت، وزيراعظم پاران 8 رڪني ڪاميٽي قائم