ميڊيا کي قابو ڪرڻ جي حڪمرانن جي هوڏ

0
240
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

موجوده پي ٽي آءِ  سرڪار اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ جيڪي ڳالهيون يا واعدا ڪيا هڪ هڪ ڪري انهن واعدن جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي يا انهن تان پوئتي هٽي رهي آهي جنهن ڪري هن حڪومت تي عوامي توڙي سياسي تنقيد وڌي رهي آهي.حڪومت نيون نوڪريون پيدا ڪرڻ واري واعدو ته پاڙي نه سگهي، رهندو روزگار سان لڳل ماڻهن کي بيروزگار ڪري رهي آهي،مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ته ڪرپشن گهٽجڻ بدران وڌي وئي آهي،جڏهن ته پي ٽي آءِ جي قيادت اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ واعدا ڪيا هئا ته ماڻهن کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنيون وينديون ،مهانگائي کي ڪنٽرول ڪيو ويندو ۽ ڪرپشن جو خاتمو آندو ويندو. پي ٽي آءِ جي قيادت  چواڻي ته  ڇاڪاڻ ته اڳوڻا حڪمران ڪرپٽ هئا تنهن ڪري نيون نوڪريون پيدا نه پئي ٿي سگهيون ۽ انهن حڪمرانن جي  ڪرپشن جي ڪري عام عوام کي مهانگائي ڀوڳڻي پئجي رهي هئي.انهن واعدن تي ته عمل ٿيڻ رهيو پري جي ڳالهه پر جيڪا سڀني کان وڌيڪ اهم ڳالهه ڪئي وئي اها اها ته ميڊيا کي پابندين کان آزاد ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته جيڪا ڪرپٽ حڪومت هوندي آهي اها سڀ کان پهرين ميڊيا تي پابنديون لڳائيندي آهي جيئن ان جي ڪرپشن ظاهر نه ٿئي پر هاڻي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اها ئي پي ٽي آءِ آهي جيڪا ميڊيا جو ڳلو گهٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

پي ٽي آءِ سرڪار ڪوڙين ۽ غلط خبرن، صحافين جي تحفظ جي آڙ ۾ هڪ اٿارٽي ٺاهي ميڊيا کي مڪمل پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ چاهي ٿي جنهن جي صحافين سميت ملڪ جي هرشعبي ۾ مخالفت ٿي رهي آهي.ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي نالي تي حڪومت جيڪو قانو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪڏهن اهو اچي ويو ته ميڊيا مڪمل طور مفلوج ٿي ويندي پر ملڪ جا صحافي جن هر دور ۾ ميڊيا تي پابندين خلاف مهاڏو اٽڪايو آهي اهي اهڙي قسم جو قانون آڻڻ کي سازش سمجهي رهيا آهن جنهن ڪري نه رڳو صحافي ،پر مالڪن کان وٺي ملازمن تائين سياستدانن کان وٺي وڪيلن تائين هر باشعور ماڻهو حڪومت جي ان عمل خلاف سراپا احتجاج به آهي .صحافي تنظيمن جو اڄ کان  اسلام آباد ۾ڌرڻو اعلانيل هو    پر ڪالهه کان ئي  سڄي ملڪ مان صحافي اسلام آباد پهچي ويا ۽ ڌرڻو شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾  سياسي اڳواڻ ۽ وڪيل انهن سان يڪجهتي لاءِ پهتل آهن  ڇاڪاڻ ته هر محب وطن ماڻهو سمجهي ٿو ته ميڊيا تي پابندي جو ٻيو مطلب ملڪ جي ترقي آڏو رنڊڪ وجهڻ آهي جڏهن ته برطرف ملازم به انهي ڌرڻي ۾ شريڪ آهن. ميڊيا کي مليل آزادي ڪنهن حڪمران جو ٿورو ناهي پر اها انهن سوين هزارين صحافين جي جدوجهد ۽ قربانين جو نتيجو آهي جن صحافت جي آزادي لاءِ پنهنجي پٺن تي ڪوڙا برداشت ڪيا ۽ ڪنهن به حڪمران جي مرضي سان قلم استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

اسان سمجهون ٿا ته  حڪومت کي  ميڊيا تي پابندي وجهڻ جون صلاحون ڏيندڙ  وزير يا مشير ڪنهن به ريت ان جا خير خواهه ناهن.آزاد ميڊيا ئي هوندي آهي جنهن جي مثبت تنقيد کي آڏو رکي حڪمران پنهنجي غلط ۽ خراب پاليسين کي سڌاري سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته ميڊيا سماج جو عڪس انهن حڪمرانن آڏو پيش ڪندو آهي جڏهن حڪمرانن ڏسڻ ڇڏي ڏنو ته اهي غلطيون سڌارڻ بدران ڏينهون ڏينهن غلطين مٿان غلطيون ڪندا ويندا،تنهن ڪري حڪمرانن کي  ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي هوڏ تان لهڻ گهرجي. ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جون خواهشون کڻي ڪيترا حڪمران پنهنجي اقتدار تان هليا ويا پر ميڊيا اڄ به اتي موجود آهي ۽ رهندي ۽ آزاداڻي نموني حڪمرانن جي غلطين تان پردو کڻندي رهندي.