ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ٻيٽو روڊ تي مبينا پوليس مقابلو، ھڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ ايس ايس پي دادو موجب ته  ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٻيٽو روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ھٿياربند ڏوھارين گشت ڪندڙ بي سيڪشن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾  ھڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آھي، سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ دادو تعلقي جي ڳوٺ بختيار شاھاڻي جي رھواسي امداد ولد عثمان شاھاڻي طور ٿي آهي، پوليس پاران  گرفتار جوابدار وٽان ھڪ پستول ۽ موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.