ڪوٽڙي (رپورٽ) رات دير سان ڄامشورو ٽول پلازا وٽان پوليس ڪراچي کان پشاور ويندڙ ڪوچ مان غير قانوني طور سنڌ ۾ رهندڙ 350 افغانين کي گرفتار ڪري ڄامشوري ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي رکيو ويو، جن مان 122 ڄڻن خلاف ڪوٽڙي ۽ سائيٽ ٿاڻي تي 2 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته گرفتار ٿيل افغانين مٿان  فارين ايڪٽ تحت غيرقانوني طور سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ڪيس ۾ نامزد 122 غير ملڪي افغانين کي سول جج ٿاڻوبولاخان ايٽ ڪوٽڙي جي عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل ڪسٽڊي ڪري ڇڏيو.