اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) سنڌ جي ناليواري شاعر جمن دربدر جي ياد ۾ پريس ڪلب اسلام آباد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿيو، سامي سٿ طرفان ٿيل تعزيتي ميڙاڪي کي محمد قاسم ميرجت، گلشن لغاري ، طاهره بلوچ ، علامه مسعود جمال ، مظهر ويسر ۽ ايم بي سومرو خطاب ڪيو، مقررن جمن دربدر کي ڀيٽا پيش ڪندي سنڌ ڌرتي جو عاشق ۽  اميد جو شاعر قرار ڏنو. مقررن چيو ته جمن دربدر جو وٺي هر هر جنم وربو ، مٺا مهراڻ ۾ ملبو گيت ئي کيس سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ هميشه لاءِ زنده رکڻ لاءِ ڪافي آھي، طاهره بلوچ جمن دربدر جي شاعري ترنم ۾ ٻڌائي، جڏهن ته ڇهين ڪلاس جي شاگرد ڏاهر ويسر قومي شاعري ٻڌائي.