ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ ۽ آسپاس ۾ 3 ڏينهن اندر چوري ۽ ڦر جون 5 وارداتون ٿيون آهن هٿيار بندن ميهڙ انڊس هاءِ وي روڊ سان ڪار کي روڪي لاڙڪاڻي واسي ڪپڙي جي واپاري فاروق رشيد شيخ کان 15لک 56هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي پاسي هٿيار بندن جي هڪ ٻئي ٽولي هٿيارن جي زور تي وڪيل پير بخش سولنگي کان ميهڙ گاجي کهاوڙ روڊ تنيا لاڙي وٽ کانئس موٽر سائيڪل، سوني منڊي، موبائيل فون ۽ 30هزار رپيا روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، بسم الله ڪالوني ۾ چاٻي چور سراج سولنگي جي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا آهن. ڳوٺ تنيو ڀرسان غلام حسين بروهي جي رڍن جي واڙي تي چڙهائي ڪري لکين رپين جي ماليت جون 18رڍون ڪاهي ويا،