بدين (رپورٽر) جمعيت اهل حديث سنڌ جي ناظم اعليٰ پروفيسر محمد ابراهيم طارق چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ڪرڻ سڀ کان وڏي نيڪي آهي. سماجي تنظيم هيومنٽي ڪيئر رليف سان ٿرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ رمضان شريف جو راشن تقسيم ڪرڻ دوران ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته مرڪزي الحديث جو مشن به غريبن جي خدمت ڪرڻ آهي. هن جو چوڻ هو ته هيومنٽي ڪيئر رليف ٿرپارڪر جهڙي ڏتڙيل علائقي ۾ زبردست بهترين ڪم رهي آهي. ان موقعي تي محمد مصري ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.