ڪراچي(م ڊ) ميهڙ جي ٻوڏ متاثرن کي ڌاڙيلن پاران ڦرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. متاثرن رات جو ٻيڙيون هلائڻ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه نجي ٽي وي چينل جي اينڪر حامد مير ميهڙ ۾ پروگرام ڪيو ۽ هو ٻوڏ ۾ ڦاٿل ڳوٺن تائين ٻيڙي وسيلي پهتو. هو ڳوٺ ڇينا ۾ ويو جتي جي ڳوٺاڻن کيس ٻڌايو ته ڳوٺ جا 70 سيڪڙو گهر ڊهي چڪا آهن هنن چيو ته  اڪثر ڳوٺاڻا لڏي ويا آهن باقي جيڪي بچيل آهن انهن وٽ يا ته پئسا نه آهن جو ٻيڙين جو ڀاڙو ڀري وڃن يا وري اهي پنهنجي گهرن جي حفاظت لاءِ ويٺل آهن. هنن ٻڌايو ته ڌاڙيل ٻوڏ متاثر ڳوٺن تي حملا ڪري سامان ڦر ڪري ويندا آهن، ڳوٺاڻي ٻڌايو ته ڇينا ڳوٺ ۾ رات جو ڌاڙيل اچي سامان کڻي ويندا آهن. رات جو ٻيڙيون هلائڻ تي پابندي لڳائي وڃي ته جيئن اسان محفوظ رهون. هنن ٻڌايو ته ڪا امداد نه ملي آهي، ميهڙ کان 15 منٽن جي ٻيڙي جي سفر تي واقع ٻئي ڳوٺ ۾ ڪو به گهر اهڙو نه هو جنهن جو گهر ٻڏل نه هجي. ٻئي ڳوٺ جي ماڻهن ٻڌايو ته  ٻيڙيون هڪ ماڻهو جو 200 کان 1000 رپيا وٺن ٿيون اسان وٽ ايترا پئسا بچيا ئي نه آهن جو ٻاهر وڃون ان ڪري نڪري به نه سگهيا آهيون. حڪومت وارا وزيرن ۽ وڏيرن وٽ اچن ٿا اسان وٽ ڪير به نه ٿو اچي.  ڳوٺ الهه وسايو جي رهواسين ٻڌايو ته  امداد نه ملي آهي، 500 کان 600 گهر آهن جيڪي سڀ ٻڏي ويا آهن، جڏهن ته 70 سيڪڙو گهر ڊهي پيا آهن.