ميرپور ماٿيلو ميونسپل تي پ پ ۽ جي ڊي اي ۾ سخت مقابلا: جي يوآءِ ۽ آزاد اميدوار به لٿل

0
205
ميرپورخاص ۾ مڪاني چونڊ

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي)ميرپورماٿيلو ميونسپل ڪاميٽي پ پ پ ۽ جي ڊي وچ ۾ مقابلي جا امڪان، جي يو آءِ ۽ آزاد اميدوار به مقابلي لاءِ تيار آھن.  ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر ھڪ تي پ پ  جي اميد وار ڪمال خان مھر  ۽ جي ڊي اي جي ڪماالدين وچ ۾ مقابلي جا امڪان آھن

جڏھن ته ھن وارڊ تي 3 آزاد اميد وار سميرخان، مورخان ۽ شاھن علي به ميدان ۾ آھن، وارڊ 2 تي پ پ جي مير احمد مھر ۽ آزاد اميد وار علي گوھر جنھن جو چونڊ نشان بوتل آھي وچ ۾ مقابلو ٿيندو، وارڊ 3 تي تير جي نشان تي اعجاز احمد ۽ جي يو آءِ جو شڪيل احمد چونڊ ۾ حصو وٺي رھيا آھن ۽ ساڳي ئي وارڊ تي 4 آزاد اميد وارامجدعلي، جاويد، ديدار حسين ۽ ڪمال خان حصو وٺندا،  وارڊ نمبر 4 تي پيپلزپارٽي پاران سرفراز خان مھر ۽ جي ڊي اي طرفان طفيل احمد قاضي حصو وٺي رھيا آھن 3 آزاد اميد وار رياض احمد، غلام فريد ۽ گامڻ خان پڻ حصو ورتو آھي

وارڊ 5 تي پ پ پ جو پيارو سھرياڻي ۽ جي ڊي اي جو عبدالرحيم مقابلو ڪندا ۽ 3 آزاد اميدوارن بشير احمد، غلام نبي ۽ معشوق علي حصو ورتو آھي وارڊ نمبر 6 تي  تير جي نشان تي شھباز احمد خان لنڊ ۽ تاري جي نشان تي نظر محمد خان وچ ۾ مقابلو ٿيندو ۽ 3 آزاد اميد وار بھرام خان، معظم سعيد ۽ ميرچاڪر خان ميدان ۾ لٿل آھن. وارڊ 7 تي جي ڊي طرفان امتياز علي ۽ پ پ پ طرفان شبيراحمد المعروف غلام شبير حصو ورتو آھي

جڏھن تھ انھي وارڊ تي 2 آزاد اميد وارن رحيم بخش ۽ ميراحمد پڻ حصو وٺي رھيا آھن وارڊ نمبر 8 تي جي يو آئي جي طرفان حسين احمد، جي ڊي اي طرفان غلام سرور ۽ پ پ پ طرفان محمد خالد وچ۾ مقابلو ٿيندو ۽ 6 آزاد اميد وارسيد جمشيدعلي شاھ، صدام حسين، عبدالسليم، عبدالوھاب، محمد اسلم ۽ نظرمحمد ميدان ۾ لٿل آھن. وارڊ نمبر 9 تي پ پ پ پاران شھباز احمد خان لنڊ، جي يو آءِ جو عبدالغفار ۽ جي ڊي اي طرفان ميرچاڪر خان وچ ۾ مقابلو ٿيندو جڏھن تھ انھي وارڊ تي 3 آزاد اميد وار سيد ثاقب حسين شاھ، علي نواز ۽ نظر محمد پڻ مقابلو ڪندا