سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم نھ ٿي، شھرين جو جيئڻ حرام

0
133

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي جي بندش جو آزار ختم نه ٿيو، شهرن ۾ 10 کان 16 ۽ ٻهراڙي ۾ 18 ڪلاڪن تائين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آھي

 ڪراچي جي صدر، لياري، چنيسر ڳوٺ، طارق روڊ، ملير، قائد آباد، ماروي ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي جي بندش جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي

 حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، سانگهڙ، ميرپوور خاص، مٽياري، نوشهروفيروز، عمر ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب، شهرين جو چوڻ آهي ته بجلي نه هجڻ سبب پاڻي به نٿو ملي، سڄو ڏينهن بجلي بند هجڻ سبب روزگار به متاثر ٿيو آهي، حڪومت کان لوڊشيڊنگ مان جان ڇڏائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي سوا 2 کرب جي ترقياتي بجيٽ جو رڳو 50 سيڪڙو خرچ ٿي سگهيو: 7 کاتن رپئي جو به ڪم نه ڪرايو