سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ايڊز جي دوا متعارف، انتهائي رسڪ تي رهندڙ ماڻهن کي ڏيڻ جو فيصلو

0
179
ڊکڻ ڀرسان ايڊز

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ايچ آءِ وي کان بچاءَ جي دوا متعارف ڪرائي وئي آهي، دوا انتهائي رسڪ تي رهندڙ ماڻهن کي دوا ڏني ويندي

سي ڊي سي ايڊيشنل ڊي جي ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جو چوڻ هو ته ايچ آءِ وي متاثر مڙس سان گڏ رهندڙ زال کي ترجيحي بنيادن تي دوا ڏني ويندي ته جيئن هو ان وائرس کان بچي سگهي

ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جو چوڻ هو ته  ٽين جنس وارن، جنسي پورهيو ڪندڙ عورتن ۽ ٻين هائي رسڪ متاثرين سان گهڻو وقت گڏ رهندڙ ماڻهن کي اها دوا ڏني ويندي

هن جو چوڻ هو ته دوا ٽيبليٽ يا ٽڪين جي صورت ۾ هوندي جيڪا کائڻ بعد ماڻهون نوي سيڪڙو بچيل رهندو.سندس چوڻ هو ته عالمي ادارن جي تعاون سان اها دوا هاڻي سنڌ جي انهن سمورن علائقن ۾ دستياب هوندي جتي ايچ آءِ وي ايڊز متاثرين جو انگ گهڻو آهي

ڊي جي صحت ڊاڪٽر جمن باهوٽو جو چوڻ هو ته دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ اها دوا ملي ٿي. پاڪستان ۾ سنڌ ۾پهريون صوبو آهي جنهن اها دوا متعارف ڪرائي آهي