ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص پريس ڪلب جي زير نگراني سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ٿيندڙ شهيد محمود سلطان چانڊيو 100 بال ليگ ڪرڪيٽ چيمپئن شپ ۾ کيڏيل 2 ميچن جا فيصله ٿي ويا پهرين ميچ ۾ عمر ٽائگرز جي ٽيم ايم ڊي اسٽرائيڪرز جي ٽيم کي 4 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو پهرين بيٽنگ ڪندي ايم ڊي جي ٽيم 100 بالن تي 102 رنس ٺاهي سگهي جنهن ۾  فهد 31 ۽ طارق 15 رنس اسڪور ڪيا عمر ٽائگرز جي انس 3 وڪيٽون حاصل ڪيون جوابي بيٽنگ ڪندي عمر ٽائگرز جي ٽيم مخالف ٽيم پاران ڏنل ٽارگيٽ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو رانديگر شاڪر 34 رنسون ٺاهيون ٻئي ميچ ۾ شهيد عمران اليون جي ٽيم مرحوم دوست علي ڀٽي جي ٽيم کي 5 وڪيٽن کان هارائي ڇڏيو مرحوم دوست علي ڀٽي جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 100 بالن تي 127 رنسون ٺاهيون سني سهيل 29 ۽ بهادر 19 رنسون ٺاهيون جڏهن ته شهيد عمران جي  ريحان 3 ۽ شاهد 2 رانديگر آئوٽ ڪيا جوابي بيٽنگ ڪندي شهيد عمران جي ٽيم مخالف ٽيم پاران ڏنل ٽارگيٽ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو .