ڪڍڻ (ن پ ا ) ڪڍڻ لڳ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي، ڇڪتاڻ، ان ڏس ۾ ڳوٺ غازي نوتيار ۾ توريي جي ڀريل ٽرالي مٿان ويٺل ملاح برادري جيماڻهن کي گهرن ڀرسان گذرڻ تان منع ڪرڻ تي نوتيار ۽ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ۾ 25 ورهين جو عثمان نوتيار قتل ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ ذوالفقار نوتيار سخت زخمي ٿي پيو، وارثن پاران مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتول نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف ذريعن موجب ته پوليس ڪارروائي ڪندي ھڪ جوابدار محبوب ملاح کي ھٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو آھي پر سندس گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي،  هوڏانهن مقتول جي سئوٽ  رجب علي نوتيار موجب ته   گھرن جي ڀرسان گزرندڙ توريي جي ڀريل ٽرالي مٿي ملاح برادري جا ماڻھو ويٺل ھئا، جن کي پردي لاءِ   ھيٺ لھڻ جو چيو ته  منھن ماري ٿي، ڪجھه دير بعد سئوٽ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته ملاح برادري جي هٿياربند رستا روڪ ڪري فائرنگ ڪئي، هوڏانهن  ايس ايچ او ڪڍڻ قربان ملاح موجب ته مامري جي جاچ ڪريون پيا، مقتول جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪنداسين.