ميرپورماٿيلو ۾ سيپڪو جي نااھلي، ڪريل بجلي جي تار ۾ وچڙي نوجوان فوت، ڌرڻو

0
268

ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ۾ سيپڪو جي نااھلي سبب 11هزار وولٽيج جي ڪريل تار ۾ وچڙي نوجوان فوت ٿي ويو، نرسري ڀرسان 11ھزار وولٽيج  جي ڪريل تارن ۾ وچڙي نوجوان  شعبان شيخ فوت ٿي ويو، وارثن پاران قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، سيپڪو عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي وئي آھي، متاثرن جو چوڻ ھو تھ سيپڪو جي نااھلي سبب اسان جو نوجوان فوت ٿيو آھي.