احمد پور (رپورٽ: امام بخش چانڊيو) خيرپور مان ٻه ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل نينگري احمدپور ويجهو فصل مان بيهوشيءَ واري حالت ۾ هٿ، ڏاڍائيءَ جو انڪشاف، جوابدار گرفتار . ان ڏس ۾ تفصيل موجب ڳوٺ لانگاهه جي رهواسڻ 12 ورهين جي ثمينا مريءَ کي پير بادل ڀرسان فصل مان بيهوشيءَ واري حالت ۾ هٿ ڪيو ويو. ناريءَ جي والد عبدالرزاق مري ۽ چاچي سليمان مري ميڊيا کي ٻڌايو ته موٽر سائيڪل سوار صاحب ڏنو ميتلو زبردستي اسان جي نينگري کي خيرپور ۾گهر ٻاهران اغوا ڪيو. اسان پيڇو ڪندا رهياسين ته احمدپور ٿاڻي جي حد پير بادل شير ڀرسان جوئر جي فصل مان بيهوشي واري حالت ۾ نينگري هٿ آئي آهي. جوابدار خلاف اغوا جي اين سي داخل ڪرائي آھي. ساڳئي وقت پڪڙيل جوابدار صاحب ڏنو ميتلو کي پڻ پوليس حوالي ڪيو آهي. اهي به اطلاع آهن ته نينگريءَ کي ٻه ڏينهن اڳ خيرپور جي الله آباد ڪالونيءَ مان اغوا ڪيو ويو هو. پوليس اين سي داخل ڪري نينگريءَ  جي وارثن کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي خيرپور بي سيڪشڻ ٿاڻي جي ايس ايچ او اسلم لغاري ٻڌايو ته ھڪ ڏينھن اڳ نينگريءَ جي والد رزاق مري ٿاڻي پھچي اطلاع ڏنو ته سندس ڌي ثمينا ڀائرن سان ڪاوڙجي گھران نڪري وئي آھي.