ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي اسپتال ۾2 ڏينهن اڳ مبينا آڪسيجن نه ملڻ سبب نوجوان جي فوت ٿيڻ وارو مامري جو ڊي ايڇ او گهوٽڪي فوتي عثمان ملڪ جي وارثن جي وائرل ٿيل وڊيو جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ڊي ايڇ او گهوٽڪي پاران واقعي جي جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن کي سڀاڻي تائين رپورٽ ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته ڳوٺ سيدپور شريف واسي ٽيڪسي ڊرائيور عثمان ملڪ 15 ڏينھن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو ھو جنھن کي 2 ڏينھن اڳ وارث ڊي ايڇ ڪيو جي ايمرجنسي ۾ کڻي آيا ھئا جتي ھو فوت ٿي ويو.