ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلي ڀرسان کينجھو واري علائقي ۾ بااثر پاران پورهيت تي گاڏي چاڙهڻ وارو مامرو، ايس ايس پي گهوٽڪي ٽائيم نيوز جي خبر جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ايس ايس پي پاران شفيع محمد مهر تي گاڏي چاڙهي معذور بڻائيندڙ بااثر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن بااثر شفيع محمد نوجوان مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي هئي، ٻڌايو پئي ويو ته نوجوان پاران سوشل ميڊيا تي پوسٽ رکڻ بعد بااثر مڇرجي هُن مٿان گاڏي چاڙهي هئي.