ميرپورخاص (رپورٽر) ٻيلي کاتي جي نرسري تي قبضي خلاف عدالتي حڪم تي گرفتار خوشحال داس جي 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور، ان ڏس ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ خوشحال داس پاران عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته ٻيلي کاتي وارن منھنجي زمين تي غيرقانوني طور نرسري قائم ڪئي آھي، جنھن بعد عدالت اھا درخواست رد ڪري ٻوٽن کي نقصان رسائڻ تي عدالت مان گرفتار ڪرائي ڪيس داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو ، جنھن بعد پراڻي ميرپور ٿاڻي تي ٻيلي کاتي جي ملازم رياض احمد جي فرياد تي ماحوليات ايڪٽ سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.