کهڙا (ن پ ا) کهڙا ڀرسان 2 هفتا اڳ درگاھ پيرڪٽڪپال تان مبينا اغوا بعد قتل ڪري روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهيل ناري روبينا اڄڻ جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ناري جي ڀاءُ ۽ شاعر مبين اڄڻ جي اڳواڻي ۾ شهرين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته هڻندي چيو ته پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدار ڳولهڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه ٿي وٺي ۽ اسان جي نياڻي جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي، ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي احمد علي سولنگي ٻڌايو ته ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار بابر بوئو کي گرفتار ڪري ريمانڊ ورتو آهي، ان کي ڪيس ۾ پڻ نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي ايس ايس پي خيرپور پاران ڪوٽڏيجي جي ايس ايچ او علي اڪبر عالماڻي کي بدلي ڪري عبدالغفار قمبراڻي کي نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي . هوڏانهن ناري روبينا اڄڻ جي قبرڪشائي ڪري ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرڻ ۽ لاش وارثن حوالي ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايڊيشنل سيشن جج خيرپور جي حڪم تي ڪوٽڏيجي جي سول جج ڊي جي هيلٿ حيدرآباد کي ناري جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم بابت ليٽر جاري ڪيو ھو جنهن جي جواب ۾ ڊي جي هيلٿ حيدرآباد نوابشاهه جي ھيلٿ ڊپارٽمينٽ کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو ليٽر جاري ڪيو آهي جڏهن ته ڊي جي هيلٿ خط لکي متعلقي ڪورٽن کي پڻ قبر ڪشائي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو آهي.