خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر ۾ ضمير بوزدار جي قتل ڪيس ۾ گھربل مک جوابدار محمد امين بوزدار بااثر معرفت گرفتاري ڏئي ڇڏي. مليل ڄاڻ موجب مقتول ضمير بوزدار جي وارثن جي مسلسل احتجاج بعد مک جوابدار جو پوليس کي ھٿ ڏنو ويو آھي، ان حوالي سان مقتول ضمير بوزدار جي والد محمد بچل بوزدار ٻڌايو ته پوليس گھربل ھڪ جوابدار امين بوزدار کي گرفتار ڪيو آھي جنھن جي ھن سڃاڻپ پڻ ڪئي آھي، بچل بوزدار چيو ته پوليس قتل ڪيس ۾ گھربل ٻيا پنج ڄاتل جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار ناھي ڪري سگھي، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او امين بوزدار جي گرفتاري جي ترديد ڪئي.