قبوسعيدخان (ن پ ا) قبوسعيدخان ڀرسان ضلع جهل مگسي لڳ باريجا ليويز ٿاڻي حد ۾ پاڻي جي تلاءَ مان نامعلوم شخص جو لاش ھٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي جهل مگسي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه لاوارث قرار ڏئي دفنايو ويو.