موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو تي تازين تيز برساتن بعد قديم ماڳ موهن جو دڙو جي اڻ کوٽيل آثارن مٿان ڪيتريون ئي ٺڪر جون تاريخي شيون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن. جڏھن ته برسات بعد ٻين صدي عيسوي جي دور جو ٻُڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ ننڍي سائيز جو ناياب مجسمو هٿ آيو آهي. جڏھن ته ماڳ جي ڊي ڪي ايريا ۾ سياحن کي گهمائڻ دوران برسات سبب پيل هڪ گهاري مان ٻُڌ مذهب جي دور جو هڪ مجسمو ٻن حصن ۾ مليو آھي. جڏھن ته مجسمي بابت ماهرن سميت ڊي جي نوادرات منظور احمد ڪناسرو کي آگاهي ڏني وئي آهي. هوڏانهن ٻُڌ ڌرم وارو مجسمو هٿ ڪندڙ مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي ٻڌايو ته مان سياحن کي گهمائڻ لاءِ ڊي ڪي ايريا سائيڊ وٺي ويو هيس جڏھن ته تازين برساتن سبب گهارو لڳل هيو جتي اچانڪ ان جاءِ تي نظر پئجي وئي ته اتي هڪ قديمي ننڍي سائيز جو مجسمو هٿ آيو جنهن کان پوءِ موهن جو دڙو تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ سنڌي حوالي ڪيو، هوڏانهن موهن جي دڙي تي مقرر گائيڊ ليکڪ جاويد شيخ سنڌي ميڊيا کي ٻڌايو ته موهن جي دڙي مان هٿ آيل مجسمو 2 کان 3 صدي عيسوي جي دور ۾ ٻُڌ مذهب جي ماڻهن ٺاهيو ھو. هن چيو ته ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ تيار ٿيل اهڙا مجسما موهن جو دڙو سميت ٻين تهذيبن مان به مليا آهن. هن چيو ته هتان کوٽائي دوران اڳ به ڪنگ پريسٽ جو مجسمو به مليو  آهي. هن چيو ته هٿ آيل مجسمي تي ماهرن کان تحقيق ڪرائي وڃي ته جيئن هن هٿ آيل قديمي مجسمي بابت اصل ڄاڻ ملي سگهي. هوڏانهن آرڪيٽيڪ نويد سانگاهه انچارج موهن جو دڙو احسان عباسي جو چوڻ ھو ته هٿ آيل مجسمو اسان ليباريٽري ڏي چڪاس لاءِ موڪليو آھي ان کان پوءِ ماهرن کان راءِ ورتي ويندي ته هي مجسمو ڪيترو پراڻو آھي.