ڪريم بخش کوسو (ن پ ا)ڪريم بخش کوسو ڀرسان ڳوٺ درزي بنگلاڻي ۾ پيپلزپارٽي جي ضلعي ڪائونسل  ميمبر ولي محمد بنگلاڻي پنهنجي مرشد شفيق احمد شاهه سان گڏجي دلمراد بنگلاڻي ۽ تاج محمد بنگلاڻي ڌر ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو ڪيو، سرپئنچ ولي محمد بنگلاڻي الزام هيٺ آيل ڌر دلمراد بنگلاڻي تي نوجوان غلام مرتضيٰ بنگلاڻي جون خون ثابت ٿيڻ تي 1 ڪروڙ 56 لک ڏنڊ مڙھي ڇڏيو آهي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سرپئنچ پاران الزام هيٺ آيل ڌر حافظ دلمراد بنگلاڻي جي 50 ايڪڙ زرعي زمين غيرآباد ڪرڻ ۽ ٽن مهينن اندر زمين وڪرو ڪري ڳوٺ کان بيدخل ڪرڻ جي به فتويٰ ٻڌائي وئي آهي، پيپلز پارٽي جي ضلعي ڪائونسل ميمبر ۽ سرپينچ جي اهڙي فتوي ڏيڻ تي علائقي واسين کي ڏندين اڱريون اچي ويون آهن، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اهڙو فتوي ڏيڻ ڪهڙو انصاف آهي، الزام هيٺ آيل ڌر کي پيڙيو ويو آهي، ٻئي پاسي سال اڳ رستي جي لنگهه تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن ۾ غلام مرتضيٰ بنگلاڻي کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي ڪيس ۾ دلمراد بنگلاڻي، فخرالدين، غلام محمد ۽ اقبال بنگلاڻي کي نامزد ڪيو ويو هو، ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدارن دلمراد بنگلاڻي، غلام محمد، اقبال بنگلاڻي سينٽر جيل جيڪب آباد ۾ قيد آهن.