ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) وزيراعظم پاران موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن وڏن وزيرن سان مشورا ڪري تجويزون وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وفاقي حڪومت کان روڊ ۽ ريل نيٽ ورڪ فوري طور تي بحال ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. ان حوالي سان رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ڪالهه هتي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ صوبي ۾ ٻوڏ واري صورتحال، پاڻيءَ جي نيڪال ۽ امدادي ڪمن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته وزيراعظم شھباز شريف ھدايت ڪئي آھي ته سنڌ جي وڏي وزير  مراد شاهه سان رابطي ھجون. ھن چيو ته برسات سٽيلن لاءِ گهربل سامان جي فراھمي لاءِ وفاقي حڪومت ھر ممڪن سھڪار ڪندي. ان موقعي تي  وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو ته ھن وقت 15 لک خيمن جي ضرورت آھي، اسان متاثرن کي رڳو اڍائي لک خيما مھيا ڪيا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته ڪيمپن ۾ رهندڙ ماڻھو خاص طور تي  ٻار بيمار ٿي رھيا آھن، جن کي طبي امداد فراھم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ھن وقت روڊن ۽ ريل نيٽ ورڪ کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آھي ته جيئن گھرج وارين شين کي پھچائي سگھجي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته مواصلات وارو وفاقي وزير نيشنل ھاءِ وي ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪري چڪو آھي. روڊن ۽ ريلوي ٽريڪ جي بحاليءَ وارو ڪم شروع ڪيو ويو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته آئون 11 ضلعن جو دورو ڪري آيو آھيان، ماڻھن ڏکيائين ۾ آھن، متاثرن جي مدد لاءِ عالمي برادريءَ کي اڳتي اچڻ گھرجي، هن چيو ته  برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ کانپوءِ ماڻھن کي واپس موڪلڻ بعد به خيمن جي ضرورت پوندي،  نوان گھر تعمير ٿيڻ تائين متاثرن کي سندن گھرن ويجھو رھڻو پوندو. هن چيو ته  اسان کي امدادي ڪمن سان گڏ نئين رٿابندي پڻ ڪرڻي پوندي. آبپاشي نظام، زرعي زمينن جي بحالي ۽ پاڻي نيڪال ( ڊرينيج)  واري نظام جي ٻيھر تعمير ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ماھرن سان گڏجي اھو طئه ڪرڻ گھرجي تھ ڇا ايندڙ سالن ۾ به اسان جي ملڪ تي موسمياتي تبديليءَ جا اثر پوندا؟، جنهن تي وزير احسن اقبال چيو ته وزيراعظم شھباز شريف موسمياتي تبديلين جي حوالي سان سڀني صوبن سان صلاح مشورا ڪري تجويزون وٺندو.ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سان ترڪي جي قونصل جنرل ڪيمل سانگو ملاقات ڪري سنڌ ۾ پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪيمل سانگو چيو ته ترڪ حڪومت سنڌ جي عوام سان گڏ آھي،  امدادي ڪمن ۾ وڌيڪ هٿ ونڊائيندي.