مورو (ن پ ا) سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي پاران ڪورونا وبا کان بچاءَ ۽ معصوم ٻارڙن جي زندگين کي محفوظ رکڻ لاءِ سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولز کي بند رکڻ جو اعلان ڪندي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي پر مورو ۾ ڪجھه نجي اسڪولن پاران اهڙن حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي اسڪولن کي بند نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب ٻارن جون زندگيون ڪورونا وائرس سبب داءَ تي لڳل آهن. ان سلسلي ۾ فاسٽرڪ، ڊجيٽل، آءِ پي ايس، اھلبيت، پارس، اقراء پبلڪ اسڪول سميت ٻيا اسڪول کليل آھن، جڏھن تي ڪجهه اسڪولز م فيسون ورتيون پيون وڃن ۽ فيسن لاءِ والدين ڏانھن ليٽر پڻ موڪليا ويا آھن. ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي آل پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي چيئرمين محمد خان ڏاھري ٻڌايو ته اسان سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي حڪم تي مڪمل عمل ڪرايو آھي ۽ ايس او پيز تحت جن اسڪولن ۾ آن لائين ڪلاس ڏيڻ جي سھولت ناھي اتي اھي شاگردن کي ھوم ورڪ لکي ڏين ٿا ۽ ان دوران پنج سيڪڙو شاگردن کي گھرايو وڃي ٿو، باقي اسڪول بند پيل آھن ھوڏانھن والدين ۽ سماجي اڳواڻن پاران ريجنل ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪولز نوابشاهه، ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز کان معاملي جو نوٽيس وٺي سرڪاري حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اسڪولن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آھي.