قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد ويجهو ڳوٺ حاجي اسماعيل ڀنڊ واسي گم ٿي ويل 55 ورهين جي پورهيت حاجي بخشڻ ڀنڊ جو 18 مھينا گذري وڃڻ بعد اغوا ڪري قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. سندس گھر واري سردارا خاتون ڀنڊ پاران قاضي احمد شھر مان مبينا طور اغوا بعد قتل ڄاڻايل حاجي بخشڻ ڀنڊ جي بازيابي لاءِ سنڌ ھائي ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بيئچ ۾ داخل ڪيل پٽيشن تي عدالت سڳوري جي حڪم تي 18 مھينن بعد قاضي احمد پوليس ٿاڻي تي قلم 364 تحت اغوا ڪري قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ڳوٺاڻي حاجي بخشڻ ڀنڊ جي گھر واري ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته منهنجو مڙس 18 مھينا اڳ ڳوٺ کان موٽر سائيڪل تي سوار تي قاضي احمد شھر پھچي گاڏي وڪرو ڪرڻ بعد واپس گھر ناھي پھتو شڪ آھي ته کيس اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو آھي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آھي ته عدالتي حڪم تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آھي ڪيس ۾ ڪنھن ماڻھو جو نالو شامل اڃا تائين ناھي ڪرايو ويو.