جھول (ن پ ا) جھول ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇٽو فقير چانگ ۾ مال جي فصل ۾ ڀيل تان چانگ ۽ ڪولھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ هڪ ڄڻو الهه بخش چانگ لٺيون لڳڻ سبب رتورت ٿي ويو، زخمي کي بيھوشي واري حالت ۾ علاج لاءِ سول اسپتال سانگھڙ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جڏھن ته ريوو ڪولھي خلاف جھول ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي پر گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.