قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد جي ڳوٺ نواب خان چانڊيو جي عورتن بيواهه ميرزادي، مسمات صغران چانڊيو ۽ عبدالرزاق چانڊيو پريس ڪلب اڳيان پھچي بااثر ماڻھن جي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي الزام ھڻندي ھنن چيو ته تقريبن 2 مھينا اڳ بااثرن اسان جي معصوم نينگرن حنيف چانڊيو، ساجد چانڊيو، اسد چانڊيو کي پڪڙي سخت مارڪٽ ڪري کين گم ڪري ڇڏيو آھي جن جو 2 مھينن کان وٺي ڪو به ڏس پتو ناھي پيو. ھنن چيو ته قاضي احمد ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ھنن چيو ته ڪبوتر به اسان جا پڪڙيا ويا ۽ ڇوڪرا به اسان جا گم ڪيا ويا آھن اسان کي خدشو آھي ته اسان جي معصوم ڇوڪرن کي ماري گم ڪيو ويو آھي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته گم ڪيل اسان جي نينگرن کي بازياب ڪرائي بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.