اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ 8 خصوصي معاون مقرر ڪري ڇڏيا، جنهن کان پوءِ وفاقي ڪابينا جو تعداد وڌي 70 ٿي ويو آهي، ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف 8 خصوصي معاون مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جن ۾ نوابزده افتخار احمد بابر، مهر ارشاد احمد  خان، رضا رباني کر، مهيش ملاڻي، فيصل ڪريم ڪنڊي، سردار سليم حيدر، تسنيم احمد قريشي ۽ محمد علي شاهه باچا شامل آهن، جنهن کان پوءِ خصوصي معاونن جو تعداد وڌي 25 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا ۾ شامل وفاقي وزيرن جو تعداد 34، مملڪتي وزيرن جو تعداد 7، صلاحڪارن جو تعداد 4  آهي، ائين وفاقي ڪابينا جو تعداد وڌي 70 ٿي ويو آهي، آئين تحت وفاقي، مملڪتي وزيرن جو تعداد پارليامينٽ جي ڪل ميمبرن جي 11 سيڪڙو تعداد تائين رکي سگهجي ٿو، قومي اسيمبلي جي 342، سينيٽ جي 100 ميمبرن سميت پارليامينٽ جي ميمبرن جو تعداد 442 ٿئي ٿو، جنهن جو 11 سيڪڙو تعداد 48 ٿئي ٿو، ان کانسواءِ آرٽيڪل 93 تحت وزيراعظم 5 صلاحڪار مقرر ڪري سگهي ٿو، مجموعي طور تي وزيراعظم 53 رڪني ڪابينا رکي سگهي ٿو، خصوصي معاون آئين تحت مقرر نه ٿيندا آهن، اهي رولز آف بزنس 1973ع تحت مقرر ٿيڻ ڪري انهن کي ڪابينا ۾ شمار نه ڪيو ويندو آهي، اگر خصوصي معاونن کي به وفاقي ڪابينا ۾ شمار ڪجي ته آئين ۾ ڏنل تعداد کان ڪابينا جو تعداد وڌي وڃي ٿو. اٺ خصوصي معاون مقرر ڪيا ويا آھن اهي سڀ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ آھن.