ڪراچي(م ڊ) افغان ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان افغان حڪومت کان پابندي پيل جيش محمد جي سربراهه مسعود اظهر کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. افغان اردو جي ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پابندي پيل جيش محمد جي سربراهه مولانا مسعود اظهر کي گرفتار ڪرڻ لاءِ افغانستان جي حڪومت کي خط لکيو آهي. رپورٽ موجب امڪان آهي ته مسعود اظهر هن وقت ننگرهار يا ڪنڙ صوبن جي علائقن ۾ موجود آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ان کي ڳولي اطلاع ڏنو وڃي ۽ گرفتار ڪيو وڃي.