منڇر جي ٻڏڻ جو حال احوال

0
201
رهجي ويل ڪجهه ڳالهيون

 منڇر ٻڏي، جنهن ڪري ڀرواري پاسي ۾ تمام گهڻا نقصان ٿيا. بظاهر هي نقصان موسمي ڦير گهير (Climate Change) جي نتيجي ۾ ٿيا، پر اهو رڳو ظاهري سبب آهي، روحاني سبب اهو آهي ته هي سڀ الله تعاليٰ جي طرفان (Warning) طور هئا، جيڪي انسانن جي الله سائين جي احڪامن تي عمل نھ ڪرڻ سبب ٿيا. اسان تمام گهڻن گناهن ۾ گرفتار آهيون پر الله سائين اسان کي رستي تي هلائڻ گهري ٿو، جنهن ڪري نيڪ عمل ڪرڻ ضروري آهي.

موسمي ڦير گهير (Climate Change) جو اثر:

                 ظاهري طور اسان کي خبر آهي ته اها تبديلي موسمي ڦير گهير (Climate Change) جي ڪري آهي.پر اها تبديلي ڇو انهي سبب ڪري آهي؟ اها انهي ڪري آهي ته سج جون موٽندڙ شعائون جڏهن موٽن ٿيون ته اهي گهٽ موٽن ٿيون، جنهن جي ڪري دنيا جي گولي جو گرمي پد وڌي ٿو. اهو انهي ڪري آهي ته جڏهن کان اسان انسانن بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوئلي، گيس ۽ تيل جو استعمال شروع ڪيو هو، تڏهن کان دنيا جي گولي جو گرمي پد وڌي رهيو آهي. اهو انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن اسان انڊسٽريل ريووليوشن کان پوءِ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوئلي، تيل ۽ گيس جو استعمال شروع ڪيو سين. هاڻي انهيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ جا ذريعا آهن، ته هڪ ته اسان پاڻ وڌيڪ برقي تعميراتون ۽ ٻيو گرين هائوس گيسن جو انگ گهٽايون. پهرين کي Adaptation چئون ٿا ۽ ٻئي کي Mitigation چئون ٿا. پر اها حقيقت آهي ته هي اسان جي اعمالن جو نتيجو آهي، جو چوندا آهن ته اعمالڪم ما لڪم يعني توهان جا ڪيل عمل اوهان جا حاڪم آهن.

ڇا به ٿيو پر هنن برساتن اسان جي سڄي سنڌ ٻوڙي ڇڏي. جنهن ڪري فصل تباهه ٿيا، ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي، کاڌي ۽ خوراڪ ۽ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ٿيو ۽ ماڻهو روڊن تي ويٺا آهن ۽ انهن کي ترسائڻ لاءِ جاءِ ڪونهي.

منڇر جو ٻڏڻ:

منڇر جي ٻڏڻ ڪري ڀرپاسي جا ڳوٺ متاثر ٿيا. انهن جو روزگار تباهه ٿيو. خريف ته تباهه ٿي پر ايندڙ ربيع جي پوکي به نه ٿي سگهندي. جيڪو رڳو برساتن ڪري ٿيو، جنهن تي اسان جو ڪو ڪنٽرول ڪونهي.

بلوچستان مان آيل پاڻي:

هڪ ته سنڌ ۾ برساتون پيون ٻيو بلوچستان مان پاڻي آيو، جنهن ڪري منڇر واري ايراضي ۾ ٻوڙ ٻوڙان ٿي. ايف پي بند پٺيان جيڪي برساتون پون ٿيون، انهن جو پاڻي مختلف نين ذريعي سنڌ ۾ اچي ٿو. انهن ڪري سنڌ ۾ ايف بي بند ۾ ٽي چار کنڊ پيا. انهن کنڊن ڪري سنڌ ۾ ڪافي نقصان ٿيو.

منڇر جي پوزيشن:

منڇر ڍنڍ ۾ برساتن، بلوچستان مان نين ذريعي آيل پاڻي ڪري نقصان ٿيا. بلوچستان مان آيل پاڻي ڪري منڇر ڀرجي ٿي. اهو پاڻي سنڌو درياهه ۾ نيڪال ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن منڇر جي ليول سنڌو درياهه جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي ته اهو منڇر وارو پاڻي سنڌو درياهه ۾ نيڪال نٿو ٿي سگهي.

ڇا منڇر مان پاڻي نڪرڻ جا رستا آهن؟

منڇر مان پاڻي نڪرڻ جا ٻه ذريعا آهن. هڪڙو اڙل واهه ۽ ٻيو منڇر واهه، اهي ٻئي واهه منڇر جو پاڻي درياهه ۾ نيڪال ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن منڇر جي ليول درياهه جي ڀيٽ ۾ مٿي هجي. انهن جي پاڻي ڪڍڻ جي گنجائش گهٽ آهي، انهن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي.  معنيٰ انهن جو دڳ وڌائڻ جي ضرورت آهي، يعنيٰ انهن کي ويڪرو ڪرڻ جي ضرورت آهي، ويڪري ڪرڻ سان انهن جي پاڻي ڪڍڻ جي گنجائش وڌي ويندي ۽ جيڪڏهن منڇر جي ليول سنڌو درياهه کان مٿي هوندي ته پاڻي منڇر مان نڪري سگهندو.

منڇر بند کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت:

منڇر جو بند 20 ميل ڊگهو آهي ۽ اهو ڪمزور آهي، جنهن کي مضبوط ڪري ۽ مٿي ڪرڻ جي ضرورت آهي. مٿي ڪرڻ ته سولو آهي پر مضبوط ڪرڻ لاءِ انهيءَ جو سيڪشن وڌائڻو پوندو، ته جيئن اهو مضبوط ٿئي ۽ پاڻي جو زور سهي سگهي.

مشورا:

مان منڇر مان سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڪڍڻ جو ٻڌايو آهي. انهي لاءِ منهنجا هيٺيان مشورا آهن:

1.اهو ڏسڻ کپي ته منڇر جي ليول ايترو مٿي هجي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي نيڪال ٿي سگهي.

  1. منڇر جا بند مضبوط ڪيو يعني ان کي اٽڪل 5 فوٽ (Raise) ڪيو ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ان جو سيڪشن ويڪرو ڪجي.

3.ان جا پاڻي نڪرڻ جا رستا ويڪرا ڪجن.

مٿين طريقن تي عمل ڪرڻ سان منڇر جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪري سگهجي ٿو ۽ منڇر جي ليول گهٽجي سگهي ٿي.

اسان جو ڪم آهي ڪوشش ڪرڻ ۽ ڀرووسو الله تي ڪرڻ کپي.

آسرو مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهاريندڙ گهڻو

_شاهه لطيف