ٻوڏ متاثرن کي رليف: اسٽيڊيم ۾ پاڪ- انگلينڊ ميچ مفت ۾ ڏسي سگهندا

0
309
ٻوڏ متاثرن کي رليف:

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ سنڌ پوليس جي ڊي آءِ جي مقصود ميمڻ چيو آهي ته پي سي بي چيئرمين رميز راجا جي اجازت سان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اسٽيڊيم ۾ انٽري فري ڪئي وئي آهي

مقصمود ميمڻ چيو ته ٻوڏ متاثرين 15 تي فون ڪن کين اسٽيڊيم ۾ وٺي اينداسين. اسان جون ٽيمون ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪنديون

ٻئي طرف ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته انگلينڊ ٽيم جي لاءِ بهترين سيڪيورٽي ڏني وئي آهي. سيڪيورٽي پلان مناسب انداز سان ٺاهيو ويو آهي. جاويد عالم اوڍو چيو ته انگلينڊ جا سيڪيورٽي آفيشلز به اسان جي پلاننگ مان مطمئن آهن. هن ٻڌايو ته ميچز جي لاءِ 5 هزار سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن

هوتل ۽ اسٽيڊيم جي سيڪيورٽي تي عمل شروع ٿي چڪو آهي. اي آءِ جي پوليس چيو آهي ته سموري فورسز جا اهلڪار سڀاڻي ٿيندڙ ريهرسل ۾ حصو وٺندا. ڪراچي جا شهري استيڊيم اچن ۽ ايونٽ کي ڪامياب بنائين

ھي به پڙھندا

ٻوڏ متاثرن کي رليف: اسٽيڊيم ۾ پاڪ- انگلينڊ ميچ مفت ۾ ڏسي سگهندا

ڄامشورو جي رليف ڪيمپ ۾ ترسيل نوجوان مليريا وگهي فوت، لمس انتظاميا ايمبولينس نه ڏني!