منتظمو، سنڌ کي ‘ڪيٽي’ نه بڻايو!

0
153
بيگناهه ماڻهن جو ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ قتل

انتظامي نااهليءَ سبب سڄي سنڌ ‘ڪيٽي’ بڻجي وئي آهي. ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڌاڙيلن جو وس هلي ٿو. ڪراچيءَ مان اغوا ٿيل شخص ڪشمور مان “بازياب” ٿئي ٿو، ڄڻ ڏوهارين کي ڪا راهداري مليل هجي! ڪو به پڇڻ وارو ڪونهي. لڳي ائين ٿو ته قانون به “هائبرنيشن” ۾ هليو ويو هجي، يا ان جي سماعت ۽ بصارت وڃائجي وئي هجي، ان جو فولادي هٿ فالج زده بڻجي ويو هجي! قانون جي عملداري قائم نه ٿي سگهڻ ڪري، قانون جو خوف ختم ٿي ويو آهي. ڏوهارين کي شايد سليماني ٽوپيون پاتل آهن، جو انتظاميا کي ڏوهاري نظر نٿا اچن. هڪ شخص ڪراچيءَ جي علائقي گلستان جوهر مان اغوا ٿئي ٿو، پر پوليس کي خبر نٿي پوي. ايتريقدر جو مغويءَ کي ڌاڙيل ڪراچيءَ کان ڪشمور منتقل ڪن ٿا، پر پوليس بيخبر آهي. حد ته اها آهي، جو چڪاس جو ڪو به اسپيڊ بريڪر انهن جي آڏو نٿو اچي. پوليس مغويءَ کي ٽن مهينن کانپوءِ ڪشمور مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ته ڪئي آهي، جڏهن ته پوليس موجب، ڪارروائيءَ دوران ڌاڙيل فرار ٿي ويا. ٻئي طرف سنڌ  مان ڪيترائي ماڻهو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، پوليس ڳوٺن تي هلان ڪري ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين بدران ‘سورهيائيءَ’ جو مظاهرو ڪندي عورتن ۽ ٻارڙن کي گرفتار ڪريو اچي.

هڪڙي سنڌ اها آهي، جيڪا اسان کي حڪمرانن جي بيانن ۾ نظر اچي ٿي، جنهن ۾ شينهن ۽ ٻڪري هڪڙي گهاٽ تان پاڻي پيئن ٿا، امن جي هير ٿي گُهلي، جنهن سنڌ لاءِ حڪمرانن جا راوي “سڀ سُک چَين” لکن ٿا، پر ٻي سنڌ اهڙي آهي، جنهن جي حقيقي تصوير اخبارن ۾ ڇپجي ۽ ٽي وي چئنلن تي نظر اچي ٿي، جيڪا بدامنيءَ جي ڀُونءِ بڻيل آهي، جنهن کي ‘جرڳائين’ جهنم بنائڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي، جنهن سنڌ جي ڪينواس تي هڪڙو ئي رنگ حاوي آهي، اهو آهي ريٽو رنگ. اها آهي رتو ڇاڻ ٿيل سنڌ، جنهن ۾ امن کي اَمان ناهي. جنهن جا ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ محفوظ ناهن. ٻهراڙيون، پڪو ۽ ڪَچو، شهر ۽ شاهراهون محفوظ ناهن. غريب پورهيت، جن وٽان ڀُنگ ملڻ جو آسرو به ناهي هوندو، اهي به اغوا ڪيا وڃن ٿا، صرف ۽ صرف خوف ۽ ڏهڪاءُ پکيڙڻ لاءِ، قانون کي چئلينج ڪيو وڃي ٿو، پر قانون مفلوج بڻيل آهي.

هونئن ته سنڌ ۾ قانون پنهنجي بالادستي ته پري جي ڳالهه، پنهنجي وجود جي ويساهه جوڳي ثابتي به ڏيئي نه سگهيو آهي. ماڻهن کي قانون جي اوٽ، اجهو ناهي ملي سگهيو ۽ قانون جو ڏڍ ناهي رهيو. قانون جي عملداري قائم ڪرڻ حڪمرانن جو منصبي فرض آهي، پر جڏهن اهو بنيادي فرض به اهي پورو ڪري نه سگهن ته باقي انهن جي ڪرڻ جو ڪم ئي ڪهڙو ٿو رهجي وڃي؟ ڪراچيءَ مان اغوا ٿيل شخص کي پوليس ٽن مهينن کانپوءِ “بازياب” ڪرايو آهي، اغواڪار پڪڙجي نه سگهيا آهن، اهي ‘فرار’ ٿي ويا آهن. ان مغويءَ جي بازيابيءَ لاءِ ته اسپيشل ٽيم جوڙي وئي هئي، جنهن ٽن مهينن ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو پر ٻيا مغوي انتظاميا جو ڌيان حاصل ڪري ناهن سگهيا. پوليس به ڊيل جو انتظار ۽ ڪن صورتن ۾ سهولتڪاري به ڪندي آهي ته جيئن پوليس جو ڪم سهل ٿي پوي، پوءِ ڀلي ٽي مهينا ڇو نه لڳي وڃن! اڪثر ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته، اغوا ڪندڙن سان “ڊيل” بعد ڀُنگ ڀري آزاد ٿيلن بابت به پوليس کين مقابلي ۾ آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندي آهي، ۽ ڌاڙيلن کي فرار جو رستو ڏنو ويندو آهي. پوليس ۽ ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ “اشرافيا” (جرڳائي ڀوتار ۽ سردار) “باعزت” ڊيل لاءِ سهولتڪاريءَ وارو ڪردار ادا ڪندا آهن.

سنڌ جو امن ڏوهن جي ڏانئڻ ڳڙڪائي وئي آهي پر منتظمين کي سٺي انتظامي ڪارڪردگيءَ جي دعوائن کان فرصت نٿي ملي. اهي امن امان جي ابتر حالت درست ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، ان ابتريءَ جو اقرار ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن! اهڙي حالت ۾ سنڌ ۾ امن امان ڪيئن قائم ٿي سگهندو؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سنڌ ۾ امن امان جي ذميواري پوري ڪئي وڃي. ڌاڙيلن خلاف فيصلائتي آپريشن لاءِ عملي تحرڪ ورتو وڃي.