اشو آف دي ڊي … ڊاڪٽر عزيزسوڍڙ پاران خودڪشي جي ڪوشش ڪرڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
122

 ڊاڪٽر عزيز پاران خودڪشي جي ڪوشش ڪرڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، سنڌ سرڪار مٿان تنقيد ڪئي وئي، ذميوارن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي، ان حوالي سان عنايت لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊاڪٽر عزيز جو لکيل سوسائڊ نوٽ ھر ھڪ ماڻهو پڙهي ۽ ڏسي ته ھن ظالم معاشري ۾ ڪيڏو ظلم آهي ھڪ آفيسر سان ڇا ظلم ڪيو ٿو وڃي. مظهر ابڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن بدبودار ۽ گِدلي نظام کي ڏسي، رتُ جي اُلٽي ڪرڻ لئه دل ٿي گهري. ظلم جي انتها: ۱۹ گريڊ جي آفيسر ڊاڪٽر عزيز سوڍڙ جو لکيل سوسائڊ نوٽ ھر ھڪ ماڻهو پڙهي ۽ ڏسي ته ھن ظالم معاشري ۾ ڪيڏوظلم آهي. ھڪ بي پھچ غريب ڊاڪٽر سان ڇا ته ويڌن ڇا ته ظلم  ڪيو ويو ، جو نيٺ ھُو پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻڻ تي مجبور ٿي پيو. سرتاج چانڊيو، عبدالڪريم ڇٽو، گلشن لغاري ۽ طارق جان سهتو پوسٽ شيئر ڪئي ته ڊي ايچ او ملير مقبول ميمڻ صحت واري وزير جو ويجهو ماڻهو آهي، جنھن ڊاڪٽر عزيز سوڍڙ کي موڪل جا ڏھه ھزار ۽ اي سي آر صحيح جا پنج ھزار رشوت طلب ڪئي ته مان مٿي پئسا پھچائيندو آھيان، پنجاھ لک ڏئي پوسٽنگ ورتي آهي ڪٿان ڪڍندس، ڊاڪٽر عزيز کي خود ڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ڊي ايچ او هٽايو، ملير بچايو، جنهن تي نثار احمد لکيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪرپٽ آفيسر ويٺا آهن، ڄام محمد اقبال انڙ ۽ احمد خان سنگراسي به ردعمل ڏنو، سميع بلوچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تعليمي ادارن جي نياڻين کان ويندي 19 گريڊ جي ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍڙ تائين انهن کي آپگهات لاءِ مجبور ڪرڻ وارا موجون پيا ماڻين افسوس، عبدالغفار تبسيم، عطيه اسماعيل، شبير ميمڻ، ڊاڪٽر نظر واحد ڀڳت، افروز ڪٽپر، علي پٺاڻ، ايوب خاصخيلي، گلبدن جاويد مرزا، مشتاق علي لنڊ، بانو محبوب جوکيو، آصف چارڻ پوسٽ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ اهو به چيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ اهڙو ظلم آهي. برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪئي ته نفسياتي علم جا ماهر چون ٿا ته خودڪشي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ماڻهو نفسياتي دٻاءَ سبب سماج سان مزاحمت ڪري نه سگهندو آهي پر ڊاڪٽر عزيز سوڍڙ جي معاملي ۾ ان کان وڏي مزاحمتي سگھه ٻي ڪا ٿي نٿي سگهي جو صرف هڪ اڪيلو شخص سنڌ حڪومت جي صحت کاتي جي مٿان پندرهن سالن کان قابض ڪرپٽ ڄار کي صرف هڪ ڌڪ ۾ اگهاڙو ڪري ويو، صحت کاتي ۾ ڪرپشن جي انتها اها آهي جو سموريون ننڍيون اسپتالون پي پي ايڇ آءِ کي ست ارب سالياني ٺيڪي ۾ ڏنل آهن جنهن پي پي ايڇ آءِ جي مٿان هڪ منشي حاضر سروس بيوروڪريٽ مقرر ڪري بيروزگار نوجوان اڌ پگهار تي ڀرتي ڪري بغير نوٽيس جي برطرف ٿيڻ جي خوف سبب هڪ هڪ ملازم  چئن ماڻهن جو ڪم ڪري ٿو، صحت کاتي ۾ ايڊز هيپاٽائيٽس مليريا سميت سترهن ورٽيڪل پروگرام آهن جن جي بجيٽ جاري ٿيڻ کان اڳ سيڪريٽريٽ کان ڊي ايڇ او تائين ورهائجي وڃين ٿي ۽ انهن سترهن ورٽيڪل پروگرامن جو ڪو وجود ئي ڪونهي، ڊي ايڇ او ۽ ايم ايس جي پوسٽنگ ڪروڙن ۾ ٿئي ٿي ۽ ڏهوڻ اڳاڙيندڙ آفيسر پنهنجي هيٺان ڪم ڪندڙ ملازمن کي انسان ئي نٿا سمجهن، ڊاڪٽر عزيز سوڍڙ جي هڪ قرباني هنن کي ننگو ڪري چڪي آهي. سنڌو نواز گهانگهرو پوسٽ شيئر ڪئي ته ڊاڪٽر عزيز سوڍڙ واقعي ڪرپٽ سرڪار ۽ ان جي جوڙيل سسٽم کي وائکو ڪيو آهي، سنڌ سرڪار جو هر کاتو ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي، جتي نوڪرين کان ويندي بدلين ۽ مقررين جا آرڊر اوپن واڪ تي نيلام ٿيندا آهن، سٺا پيسا ڏيندڙ سٺي جاء تي پوسٽنگ ۽ بدلي سولائي سان ڪرائي سگهي ٿو ۽ جيڪو پيسا نه ٿو ڀري سگهي اهو اتي ٿو پهچي جتي هن وقت ڊاڪٽر عزيز سوڍڙ آهي، هن ڪرپٽ سسٽم سان مزاحمت ڪرڻي پوندي، متحد ٿي مقابلو ڪرڻو پوندو، جي اڃا به سجاڳ نه ٿياسين ته اهڙن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو. حريف چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته اسان جي شهر وارهه سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر عزيز سوڍڙ سان جيڪا زيادتي ڪئي وئي آهي ان تي دلي صدمو رسيو آهي. جنهن سماج ۾ رشوت خوري ۽ اقربا پروري جي ڪري ماڻهون خودخشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيو پون . مطالبو ٿو ڪجي ته ڊاڪٽر عزيز سوڍڙ سان فوري طور انصاف ڪيو وڃي . ” ياد رهي ته ڊاڪٽر عزيز سوڍڙ سنڌ جي نالي واري اديب شاهنواز سوڍڙ مرحوم جا فرزند آهن. فرحان تنيو پوسٽ شيئر ڪئي ته مطلب هاڻي ناانصافين ۽ نامراد ڪردارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ زندگيءَ جو ڏيئو به اجهائڻو پوندو ۽ خط لکي پيرائتي حقيقت به سمجهائڻي پوندي “سول سوسائٽي ” کي… مهوش عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪالهه ڊاڪٽر عزيز سوڍڙ اڄ ڊاڪٽر پوجا جي خودڪشي،ڪٿي ڊاڪٽرن جي اولادن جون خودڪشيون، ته ڪٿي ڊاڪٽر خود. غربت ايتري بري آهي؟؟ ڇا پئسو سڀ ڪجهه آهي؟ جي آهي به ته جيئڻ نه گهرجي؟ پر شايد هي موجوده جلادن جا ورتاءَ جيئڻ تان جيءُ کڻايو ڇڏين. جنهن تي ظفر نور ڀٽو لکيو ته هتي بک سبب روزانو ڪوئي نه ڪوئي خودڪشي ڪري ٿو پر اسان جا سياستدان بس هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۾ پورا آهن ملڪ ۾ آفتون نازل ٿي رهيون آهن جڏهن به ڪو فصل پچي راس ٿو ٿئي ته بارش تباهي ٿي مچائي پر هت ويٺل ظالمن کي ڪو احساس ناهي ۽ ٿئي به ڇو هو ته پنهجي بنگلن ۽ قيمتي گاڏين کان نڪرڻ ئي ڪونه ٿا پوءِ انهن کي غريب هارين يا مزدورن جو احساس ڪٿان ٿيندو. غلام رسول گولو لکيو ته سڄو سسٽم بگڙيل آ ـ ڪٿي به ڪجهه سھي ڪونه آهي، راٺوڙ دانش لکيو ته بلڪل ڪلھ مٺي شهر ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آهي اها ڇوڪري ڊاڪٽرياڻي هئي ان جو بابا امان ڀاء ڀينر ڊاڪٽرس آهن پر سوال اهو ٿو اچي ت انهي ڇوڪري کي ڪهڙي پرواھ هئي جيڪا هن اهڙو قدم کنيو شايد وقت جي حالاتن اهو قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو هوندو يا ٻيو ڪو سبب ٿي سگهي ٿو باقي هن مسئلي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي. صدرالدين عمراڻي پوسٽ شيئر ڪئي ته ڊاڪٽر عزيز سوڍر جي خودڪشي وارو معاملو. سرڪاري کاتن ۾ ناانصافين تي خودڪشيون ٿين ها ته سڀ کان وڌيڪ استاد خود ڪشيون ڪن ها. نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪئي ته ڊاڪٽر سوڍڙ ڪيس جي انڪوائري آهي يا خانه پوري ڪري ڪيس دفن ڪرڻ….جنھن کاتي جي ڪرتوتن سبب ڊاڪٽر عزيز سوڍڙ انتهائي قدم کنيو ان ئي کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري نواز سوهو اڪيلي سر انڪوائري ڪندو…ان ۾ نه ڪا ٽيم آهي نه ئي ٽي او آرز شامل آهن نه ئي ڪو مدو مقرر ڪيو ويو آهي ته ڪڏهن اها انڪوائري پوري ڪندو….هجڻ ته ائين گهرجي ته ڪنهن ٻئي اداري جي ساک واري سينيئر عملدار جي سربراهي ۾ انڪوائري رکي وڃي ها…. جيڪڏهن سنڌ ۾ اهڙو سماجي سرشتو رائج نه هجي ها ته ڪنهن نه ڪنهن جج جي اڳواڻي ۾ انڪوائري ضرور ٿئي ها.