ملڪ ۾ سياسي، آئيني، معاشي بحران، آخر ڪيستائين؟؟

0
147

                 ملڪ ۾ مھانگائي ھر آئي ڏينھن وڌي رھي آھي، مھانگائي تباھ ڪن ثابت ٿي، عام ماڻھن کي وڪوڙي جيئري مدفون ڪري رھي آھي. وڌندڙ مھانگائي کي روڪڻ لاءِ حڪومت عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار ئي ناھي. وڌندڙ مھانگائي مان واپاري پنھنجا ذاتي مفاد حاصل ڪري رھيا آھن. گذريل ڪجھه ڏينھن کان سنڌ ۾ اٽي جي قيمت عام ماڻھن کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي. ھن وقت به سنڌ ۾ اٽو پنج ھزار رپيا في مڻ وڪرو ٿي رھيو آھي، غريب ماڻھو پنھنجن ٻچن کي ٻه ويلا ماني کارائڻ لاءِ پريشان آھن. جيڪي ھاري ڪڻڪ پوکي ان کي تيار ڪندا آھن، انھن ھارين وٽ ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ اٽو ناھي. غريب ماڻھو واپارين جا استحصال ٿي رھيا آھن، پر افسوس حڪومتي نمائندا ڪوڙا بيان جاري ڪري عوام کي وڌيڪ پريشان ڪري رھيا آھن. ڪجھه ڏينھن پھريان صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا کي بيان ڏيندي چيو ته ھاڻ اٽو عام دڪانن تي 75 روپيا في ڪلو ۽ سرڪاري اسٽالن تي 65 روپيا في ڪلو ملندو، پر اڃا تائين ان حڪم تي عمل ٿي نه سگھيو آھي.

ڪجھه ڏينھن پھريان ھڪ دوست نماڻي انداز سان پنھنجا درد ٻڌائي رھيو ھو ته اٽو خريد ڪرڻ لاءِ پريشان آھيون. صبح جو 9 وڳي سستي اٽي واري اسٽال تي ويس منجھند جو 3 وڳي تائين انتظار ڪيو پر اٽي جي ھڪ ٿيلهي به نه ملي سگهي… ٻئي ڏينھن وري اٽي لاءِ ويس پر خالي موٽي آيس، غريب ماڻھو روزگار ڪيون يا وري ھر روز  10 ڪلو اٽي لاءِ ڌڪا کائون. آخر ٽئين ڏينهن منھنجو پٽ پوليس اھلڪار کي ٻانھون ٻڌي 10 ڪلو جي ھڪ ٿيلھي 650 روپين ۾ وٺي آيو. دوست جي  لفظن ۾ جيڪي پيڙا ھئي، آئون ان جي دردن کي ھت بيان ته نٿو ڪري سگھان پر ڏک ٿيندو آھي ته سنڌ جا حقيقي وارث اٽي لپ لاءِ پريشان آھن ۽ سنڌ حڪومت جا نمائندا بيان جاري ڪري رھيا آھن ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بحران ناھي. ھتي سنڌ حڪومت جي نمائندن کان ھڪ سوال  آھي ته جيڪڏھن سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بحران ناھي ته پوءِ اٽي جي وڌندڙ قيمت تي ڪنٽرول ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ اسان جا نمائندا ھر ھروز ڪوڙا بيان جاري ڪري عوام کي بيوقوف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. حڪمرانن جا ڪوڙا بيان آخر ڪيستائين ھلندا رھندا؟ سنڌ جي ھر ضلعي اندر فوڊ انسپيڪٽر پنھنجي ھٺ ڌرمي قائم ڪيو ويٺا آھن. سرڪاري گودامن اندر ڪڻڪ بدران مٽي نڪري رھي آھي، فوڊ انسپيڪٽر فلور مل مالڪن سان ملي ڪري اٽي جي ھٿرادو کوٽ ڪري رھيا آھن. سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اٽي جي وڌندڙ ريٽ خلاف احتجاج به ٿي رھيا آھن پر افسوس سنڌ جا وزير مشير اٽي جي وڌندڙ رقم تي غور ئي نٿا ڪن. 2022ع ۾ جڏهن  ڪڻڪ جو فصل تيار ٿيو ان وقت واپارين چونڊيل نمائندن جي آشيرواد سان ھارين آبادگارن کان ڪڻڪ في مڻ ٻه ھزار روپيا ورتي ھئي، ھن وقت حڪومت جي مھرباني سان واپاري ڪڻڪ پنج ھزار رپيا في مڻ وڪرو رھيا آھن. خبر ناھي حڪومتي نمائندا ڪھڙي حڪمت عملي تحت حڪومت ھلائي رھيا آھن. ھي نمائندا عوام کي بک بدحالي جي باھ ۾ اڇلي پاڻ عياشيون ڪري رھيا آھن.

 ھاري پنھنجو رت ڏئي فصلن کي تيار ڪندا آھن، فصل تيار ٿيڻ وقت واپاري اگھه گھٽائي ھارين کي معاشي بحران ۾ وجھي ڇڏيندا آھن. سنڌ اندر برساتي ٻوڏ ۾ جيڪي عام ماڻھن جو نقصان ٿيو، سنڌ حڪومت انھن جو ازالو ته ڪري نه سگھي، ويتر اٽي جي قيمت وڌائي ماڻھن کي جيئري مارڻ جون سازشون ڪري رھيا آھن، وڌندڙ مھانگائي سبب غريب ماڻھو پنھنجي ٻارن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھن. بک بدحالي سبب ماڻھو ذھني مريض ٿي خودڪشيون ڪري رھيا آھن، پر اسان جا چونڊيل نمائندا ذاتي مفادن لاءِ عوام جي حق تلفي ڪري واپارين کي فائدو ڏئي رھيا آھن.

سنڌ ۾ ٻه مھينا لڳاتار ھلندڙ برسات سبب گھڻي ڀاڱي فصل تباھ ٿي چڪا ھئا پر سنڌ جي ڪجھه علائقن ۾ ھاري پنھنجي محنت تحت فصلن کي بچائي ورتو. ٻه مھينا پھريان اتر سنڌ ۾ سارين جو فصل تيار ٿيو ھو جڏھن ھاري آبادگار ساريون لڻي مارڪيٽ ۾ کڻي آيا  ته ان وقت سارين جي قيمت چار ھزار في مڻ ڪئي وئي پر جڏھن ساري ھارين آبادگارن جي ھٿن مان نڪري واپارين وٽ پھتي ته سنڌ حڪومت ست کان اٺ ھزار رپيا في مڻ سارين جي رقم ڪري ھر دفعي جيان ھارين کان وڌيڪ واپارين کي فائدو ڏئي غريبن جو معاشي قتل ڪيو. ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي سبب عام ماڻهو تڪليف ڀوڳي رھيو آھي. مھانگائي سبب غريب آبادگار بک بدحالي جي زندگي گذاري رھيا آھن، ويتر سنڌ حڪومت اٽي جو بحران پيدا ڪري عوام لاءِ عذاب ڪري ڇڏيو آھي. مل مالڪن ۽ واپارين جي ھٺ ڌرمي سان شين جو بحران عام ٿي رھيو آھي. پھريان کنڊ جو بحران پيدا ڪيو ويو، پوءِ زندگي بچائيندڙ دوائن جو بحران پيدا ڪيو ويو. ھاڻ  اٽي جو بحران جاري ئي آھي، وري گيھه، ڪوڪنگ آئل جو بحران پيدا ٿي رھيو آھي. ھي ڪھڙي جمھوري حڪومت آھي جيڪا عام ماڻھن کي ضروري شيون سستو نٿي ڏئي سگھي. ھن وقت غريب ماڻھو اٽي لپ لاءِ ٻاڏائي رهيا آھن. سنڌ ۾ روٽي ڪپڙا، مڪان جو نعرو ھڻندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت آھي پر عوام کي اٽو في مڻ  پنج ھزار روپيا ملي رھيو آھي. وڌندڙ مھانگائي باوجود ملڪ ڏينهون ڏينهن خساري ۾ ھلي رھيو آھي. ملڪ ۾ ايترا پئسا ئي ناھن جو ملازمن کي وقت سر پگھارون ڏنيون وڃن. پئسي جي ڏيتي ليتي خاطر بندرگاهن ۾ ڪيترائي ڪنٽينر رڪيل آھن. انٽرنيشنل ڪمپنيون پاڪستان ۾ بزنس بند ڪرڻ جون تياريون ڪري رھيون آھن. حڪومت وٽ زندگي بچائيندڙ دوا خريد ڪرڻ لاءِ پيسا به نه آھن. حڪمران جي سياسي ويڙھ سبب ملڪ ڏيوالپڻي جي ويجھو پھچي چڪو آھي، پر افسوس اسان جي ملڪ جا سياستدان ڪرسي خاطر وڙھي ملڪ کي معاشي تباھ ڪري رھيا آھن.

اسان سمجھيو پئي ته ملڪ ۾ عمران خان جي حڪومت معاشي حالتون خراب ڪيون آھن، پر اتحادي حڪومت ملڪ کي معاشي بحران ۾ وجھي ملڪ کي ڊفالٽ جي ويجھو پھچائي ڇڏيو آھي. ھي وڏيرا، ڀوتار، حڪومت ۾ رھي پاڻ عياشيون ڪري رھيا آھن پر عام ماڻھو تڪليفن کي منھن ڏئي رھيو آھي. غريب ماڻھو پريشان آھن ھڪ غريب ماڻھو محنت ڪري ڏينھن ۾ پنج سئو وڏي مشڪل سان ڪمائي ٿو، پنج سو مان اٽو خريد ڪري يا سبزي، مريضن لاءِ دوا وٺي، يا پائڻ  لاءِ ضروري ڪپڙو خريد ڪري..؟ حڪومت ھر ننڍي وڏي شئي تي ٽيڪس ته وصول ڪري رھي آھي پر ٽيڪس جي بدلي ۾ عوام کي ڪا به سھولت مھيا نٿي ڪري. سياستدانن جي رسا ڪشي سبب شين سان گڏوگڏ ملڪ ۾ آئيني، سياسي، معاشي بحران پيدا ٿي چڪو آھي. آخر ڪيستائين ملڪ ۾ سياسي، آئيني معاشي بحران رھندو..؟ ملڪ جو عوام آخر ڪيستائين تڪليفن واري زندگي گذاريندو رھندو..؟