جستجو ۽ جاکوڙ تحقيق ۽ تلاش ڪڏهن به ساهي ناهي کنئي. هر ڪو پنهنجي وس وت، ڏات، ڏانءُ آهر تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي تحت جبل جهاڳيندو ۽ ڏونگر ڏوريندو پيو رهي. ها بيشڪ

اوکا پنڌ پهاڙ جا هرڪو نه هلي هاڙهي

جن کي عشق ساڙي پار سي پٻ ڪنديون

     ها جن جي جيءُ اندر ۾ برهه جا بٺا هوندا آهن سي ڪاڪ کي الوداع چئي راڻو راڻو ڪنديون آهن. يا جن جي من ۾ ميهار جي محبت جا مچ مچيل هوندا آهن ته سهڻيون درياهه جي دڌڪن کي به مات ڏئي آڌي ويل سير مان لنگهي ساهڙ سان وڃي ملنديون آهن.

اوکو عشق اديون، ڪو ڪو گهڙي گهيڙ

محبوبن سان ميڙ، سولو ناهي سرتيون.

     شاهه لطيف پنهنجي شاعري وسيلي سسئي، سهڻي، مومل، نوري، ليلان، سورٺ ۽ مارئي جي ڪردارن کي جتي امرتا بخشي آهي، اتي انسان ذات کي انهن سورمين جي زندگي منجهان مختلف سبقن ۽ نصيحتن سان نوازيو آهي. اهي سر، اهي سورميون، اهي داستان، اهي قصا، اهي ڪهاڻيون هڪ ٻئي کان الڳ الڳ معنائون رکن ٿيون. هڪ سورمي جو قصو ٻي سورمي کان بلڪل ئي مختلف آهي، ته وري انهن جا هنڌ، ماڳ، مڪان، علائقا به جدا جدا آهن . شاهه لطيف جي رسالي جي مناسبت سان جي تحقيقات ڪبي ته اسان کي انهن سڀني سورمين ۽ سورمن جي تاريخ ملندي. ايتري قدر جو اهي امر ڪردار هن وقت جتي جتي آخري آرامگاهه منجھه آرامي آهن، اهي به ملندا پر پوءِ به اسان جي تاريخ انهن ڪردارن بابت اڃا تائين اڻپوري آهي. اڃا تائين محقق هڪ راءِ تي متفق نه ٿي سگهيا آهن. مثال طور سسئي جي جنم هنڌ بابت ڪوئي لکي ٿو ته سيوهڻ شهر ته وري ڪو چوي ٿو ته گجو ( ٺٽو ) جي آسپاس. ايئن ليلان چنيسر بابت به متضاد رايا سامهون ٿا اچن، ڪي ڪتاب شهدادپور جي ڀرسان ٻرهون لڳ ٻڍو وساڻ ٿا لکن، ته ڪي ڪتاب وري ٺٽي جي طرف درگاهه پير پٺو جي آس پاس ٿا لکن. سو اهي ڳالهيون اهي هنڌ هيل تائين سلجهي ڪين سگهيا آهن، پر خبر ناهي ته سلجهندا به الائي جي نه پر وقت جي تقاضا چوي ٿي ته اهي هنڌ سلجهڻ گهرجڻ ته جيئن اڳتي هلي ڪري نئين نسل کي شاهه جي ڪردارن بابت ڪو مونجهارو نه ٿئي.

آءُ هلي حل ڪريون، متضاد جيڪي مامرا،

ايئن جي رهياسين اتامرا، مستقبل منجهيل رهندو.

     هونئن به اها حقيقت آهي ته اسان هن وقت حال جي حساب سان بلڪل ئي بيحال، بيوس قوم آهيون ۽ ايئن وري اسان جو آئيندو به اونداهو پيو ڏسجي. ڇو ته اسان سدائين انا واري واٽ جا واٽهڙو رهيا آهيون، تنهن ڪري اسان جو ماضي ميسارجي رهيو آهي. اسان کيس تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهيون. ان بابت جيڪڏهن الڳ الڳ ماڳن مڪانن جو نالو وٺي لکڻ شروع ڪندس ته مضمون ناول جي شڪل اختيار ڪندو. ها پر پوءِ به مورڙي جو ذڪر ضرور ڪندس، جنهن بابت اسان سدائين ڪتابن منجھه سندس بهادري جا قصا پڙهندا رهيا آهيون، جنهن کي لطيف سرڪار به پنهنجي شاعري ۾ امرتا بخشي آهي. ان جي مزار جو بچاءُ به نه ڪري سگهيا آهيون، افسوس جو عالم آهي . شاهه جي رسالي منجھه وطن جي حب جو هڪ سگهارو ڪردار مارئي آهي، جنهن کي وقت جي بادشاهه عمر سومري لک ڪوششن ۽ لالچن باوجود به جهڪائي ڪين سگهيو ۽ هوءَ هڪ عورت ٿي ڪري آخر تائين اڏول ۽ اٽل رهي. جنهن پنهنجي ان ڪردار سان عمر سومري کي مجبور ڪري ڇڏيو جنهن بعد ۾ کيس باعزت مارن حوالي ڪيو.

اوڍيان ڪين عمر، تنهنجا تمام تحفا،

مون من مارن لاءِ، پيو واجهائي سدا،

ڄاڻي خود خدا، مران تب مارن جي.

     عمر وقت جو بادشاهه هو وڏا ٺٺ هيس. وڏا وڏا لشڪر هيس پري پري تائين سندس حڪم هلندو هو، تخت تاج جو مالڪ هو پر جس آهي کيس جو مارئي کي ڪوٽ منجھه قيد ڪرڻ کان بعد ڪنهن به قسم جي زوري زبردستي ڪين ڪيائين، پر جي هو چاهي ها ته مارئي سان زوري شادي ڪري پئي سگهيو پر ايئن نه ڪيائين ۽ اهو ئي ڪيائين جيڪو مارئي جو مطالبو هو، جيڪا مارئي جي من جي صدا هئي.

جي نه ملان جيئري، عمر مارن سين،

اماڻج اوڏاهين، مڙهه هن مارئي سندو.

عمر سومرو همير جو پٽ هو. سومرن جي زوال واري دور ۾ عمر سومرن جو پنجويهون حاڪم ٿيو، جنهن سمن حاڪمن جي تحت عمر ڪوٽ ۾ ٿر واري علائقي ۾ سرداري ڪئي .مارئي جو وڏو ڏاڏو مهڙ هو. ڏاڏو ڦل ۽ پيءَ جو نالو لاکو هو، پر ڪي ڪتاب پالڻي ٿا لکن ۽ ماءُ جو نالو ماڏوئي هو. مارئي جي ذات بابت به مختلف رايا ۽ مختلف ڪهاڻيون آهن. ڪٿي لکندڙ کيس سمون ٿا لکن ته ڪٿي وري ڪي پنهوار ٿا سڏين.

مارئي جو کوه

سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ ننگرپارڪر تعلقي ۾ تاريخي ۽ تفريحي ماڳ آهي جيڪو ننگر شهر کان 30 ڪلوميٽر ۽ ويراواه ڳوٺ کان 10 ڪلوميٽر پَري آهي. هيءُ ماڳ سنڌ جي تاريخي داستان عمر مارئي جي ڪردار مارئي سان منسوب آهي. وطن جي حُب ۽ پيار جي علامت مارئي لاءِ مشهور آهي ته کيس عمر ڀالوا ۾ واقع هن کوھ تان زوري کنيو هو. مارئيءَ جو مقامي ڳوٺ ڀالوا آهي جيڪو ضلعي جي راڄڌاني شهر مٺي کان لڳ ڀڳ 93 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي .عمر سومري لاءِ تاريخ لکي ٿي ته پنهنجي دور جو هڪ وڏو عادل ۽ بهادر حاڪم هو، پر شيطان انسان کي ورغلائي وجهندو آهي. عمر به ڪنهن جي چرچ تي اچي مارئي کي کڻڻ جو عمل ڪيو هو پر پوءِ آخر ۾ مٿس مٿي تي هٿ رکي ڀيڻ سڏيو هئائين، جيڪو پڻ هڪ الڳ موضوع ۽ قصو آهي. هاڻي تاريخ ۾ جڏهن ايترو ڪجھه واضع لکيو ويو آهي ۽ هوڏانهن لطيف به پنهنجي لطف سان ان قصي، ان داستان کي وڏي اهميت ڏني آهي ۽ پنهنجن امر بيتن ۾ پوري داستان کي زندگي بخشي زنده رکيو آهي ۽ عمر مارئي جي قصي سان منسوب لمحن، واقعن، کاڌن پيتن، وڻن، جانورن، رهڻي ڪهڻي وغيره جو مڪمل جائزو لکيو آهي. هتي اوهان جيڪو يا جيترو پڙهيو يا وري مختلف قصن ڪهاڻين روايتن مان پڙهيو پرکيو پروڙيو آهي ته ان مطابق هتي جيڪو سوال ٿو اڀري ته آخرڪار لطيف جي انهن ڪردارن جون مزارون يا قبرون ڪٿي آهن؟ جڏهن ته ٿر ۾ مارئي جو اهو کوهه به موجود آهي جتان کيس عمر پاڻي پيئڻ جي بهاني سان کنڀي کنيو هو. جتي هاڻي هر سال مارئي جو ميلو به لڳايو ويندو آهي ته ان اهڙي عظيم ڪردار پاڪدامن عورت جي قبر ڪيڏانهن وئي؟ ها هتي جي اهو مڃجي ته ٿر رڳو وارياسو آهي ان وقت مارئي جي عزيزن رشتيدارن وٽ ايتري سگھه يا سهولت نه هوندي جو هو مارئي جي قبر کي پڪو ڪري سگهن يا ڪا قبر تي ڪا نشاني هڻي سگهن، پر هوڏانهن عمر سومرو جيڪو وقت جو بادشاهه هو جنهن نه ڄاڻ ڪيترو عرصو ملڪ تي حاڪميت ڪئي ۽ حاڪمن جا ته وڏا ٺٺ هوندا آهن. کين هر قسم جون سهولتون هونديون آهن وزيرن مشيرن جا لشڪر هوندا آهن. جنهن جي نالي سان اڄ به قلعو موجود آهي جتي هر سال هزارين سياح ايندا آهن جنهن قلعي اندر هڪ نهايت ئي سهڻو ۽ خوبصورت ميوزيم آهي ۽ اهو قلعو هن وقت آثار قديمه جي حوالي ٿيل آهي ته پوءِ جڏهن تاريخ ۾ ايترو ڪجھه کليل ڪتاب وانگر ماضي کي پيش ڪيو ويو آهي ته آخر ان حاڪم جي مزار ڪٿي آهي؟ کيس مرڻ بعد ڪٿي دفن ڪيو ويو؟ آخر ڪهڙا سبب آهن جو تاريخ لکندي تاريخدانن ۽ محققن عمر ۽ مارئي جي قبرن کي سامهون ناهي آندو؟

مشتاق ڇاڇرائي لکي ٿو ته: عمر جي قبر خبر ناهي پر مارئي جي قبر جي بابت اسان جي جهونن کان هڪ روايت آهي ته ڳوٺ کڏي ۾ آ. کڏي ۾ واقع هڪ پراڻو قبرستان آهي جنهن ۾ نامعلوم قبرون گهڻيون آهن پر ڪنهن به تاريخدان انهي ڳالهه بابت ريسرچ ناهي ڪئي. کڏي اسان جي شهر مبارڪ رند لڳ آهي. کڏي ۾ ميرن جو قلعو به هو جيڪو هينئر ڊهي پٽ ٿي چڪو آ. مان به ٻٽي مهينا پهرين ان قلعي بابت ڪجهه معلوم ڪرڻ ويو هئس. اتي مون کي اها روايت هڪ پوڙهي شخص ٻڌائي.