ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۾ پنهور برادري جي ماڻهن بااثر جي ماڻهن جي گرفتاري لاءِ پنگريو جهڏو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ  ڪيو. ڳوٺ يوسف  پنهور جي ڳوٺاڻن  محمد موسيٰ، علي نواز، شفيع محمد پنهور ۽ ٻين چيو ته بنا جواز چانڊيا ڌر جي بااثر ماڻهن اسان جي نوجوان وزير پنهور کي بنا ڪنهن سبب ملڪاڻي شهر ۾ مارڪٽ ڪري بيهوش ڪري فرار ٿي ويا جنهن جوابدارن جي خلاف خيرپورگنبوه ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر جوابدار بااثر هجڻ ڪري پوليس گرفتار نٿي ڪري.