حيدرآباد (بيورو رپورٽ) کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سنڌ جي ترقي پسند ۽ روشن خيال اڳواڻن حيدرآباد روشن خيال فورم جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ترقي پسند روشن خيال سماج سڌارڪ اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اتفاق راءِ سان ڪامريڊ حميد سومرو کي ڪنوينر، ڊاڪٽر ايشور کي سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر بختاور ڄام کي خزانچي جي ذميواري ڏني وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڄاڻايل فورم روشن خيال فڪر جي واڌ ويجهه لاءِ عملي ڪم ڪندو جنهن جو باضابطه طور اجلاس 2 جولاءِ تي ٿيندو جنهن ۾ ڄام ساقي سازش ڪيس ڪتاب تي اڀياسي ويهڪ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.